ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙن سان برسات، عورت خوف سبب فوت، بجلي معطل، مواصلاتي نظام درهم برهم، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ راڙڪوئو ۾  برسات دوران گجگوڙ جي ٺڪاءُ  ٿيڻ تي پنهنجي ٻارڙي کي ٿڃ پياريندڙ 38 ورهين جي عورت4 ٻارڙن جي ماءُ  کيئنان زال جيتو ڪولهي ڊپ سبب کٽ تان ڪري پئي، برسات جي گجگوڙ سبب دل جو دورو پوڻ سبب عورت کيئنان فوت ٿي وئي، پوليس پهچي فوتي عورت جي وارثن کان بيان وٺي اتفاقي واقعي جي رپورٽ درج ڪري واپس رواني ٿي وئي، ٻي طرف  شهر ۽ ڀرپاسي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽي آيون. سکر ۾ هلڪي برسات ۽ تيز هوائن کانپوءِ مواصلاتي نظام درهم برهم، 12 ڪلاڪن تائين اڪثر علائقن ۾ بجلي بند، موسم خوشگوار. سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ تيز هوائن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. ٽنڊو الهيار، بدين، هالا، ٽنڊو باگو، خيرپورناٿن شاھ، پنگريو، گولاڙچي، جهوڪ شريف، ڪڙيوگهنور، ميرپور ساڪرو، سيراڻي، غلام شاهه موري، شاهپور چاڪر، مسوڀرڳڙي، ٽنڊو غلام حيدر، کورواھ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي.  ڄام صاحب، شھر ۽ ڀرپاسي علائقن جھوڙوخان شر ، وزيرآباد، نيازآباد سميت مختلف علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ تيز برسات ھيٺاھين واري علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو،  دريا خان مري ۽ ڀرپاسي تيز برسات برسات سبب کليل آسمان ھيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرين سخت پريشان رهيا.  ڪنري ۽ ڀرپاسي ٻي ڏينھن به تيز هوا ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، برسات سبب مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو، ڳوٺ نواز چانڊيو ۾ بجلي جا 5   ٿنڀا ڪري پيا.