ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٻه ڏينهن اڳ ٽن شاگردن سان ٽيوشن سينٽر ۾ بدفعلي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري داخل ٽن ڪيسن  ۾ هڪ ئي وقت باعزت بري ٿي آزاد ٿيل ٺري ميرواهه جي نيباهو شاهه پاڙي واسي رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي ٺري ميرواهه پوليس  سندس گهر تي چڙھائي بعد گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ استاد سارنگ جي پٽ اسلم رضا شر صحافين کي ٻڌايو آھي ته پوليس باعزت بري ٿيل بابا کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي گرفتاري وقت ايس ايچ او چيو ته اسان صرف بيان رڪارڊ ڪري ڇڏي ڏينداسين پر هن وقت تائين بابا ٿاڻي تي موجود ناهي آئون خيرپور ايس ايس پي وٽ پهتو آھيان. ٻئي طرف سارنگ شر جي گهر ڀاتين پاران سندس گهرواري نور ڀري، سونيا شر، سلمان شر پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري  پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آھي ته اڄ شام ميرواهه پوليس گهر تي چڙھائي ڪري سارنگ شر کي ناحق گرفتار ڪري ظلم ڪيو آھي کين شڪ آھي ته کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويندو عدالت کيس باعزت بري ڪيو آھي ان باوجود گرفتاري ڪئي وئي آھي. هنن آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سارنگ شر کي آزاد ڪيو وڃي. جڏھن ته ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاء ايس ايچ او ميرواهه ۽ ڊي ايس پي ميرواهه سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو. جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور مير روحيل کوسو سارنگ شر جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته سندس گرفتاري جي مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا.