سنڌ کي سڪتي ۾ آڻيندڙ نئون ڪوٽ واقعو

0
207
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نئون ڪوٽ واقعي سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي،اهڙي واقعي ٿيڻ جو تصور ته جنگ ۾ فتح ڪيل علائقي ۾ قيد بڻايل ماڻهن جي عورتن سان به نه ٿو ڪري سگهجي.هي واقعو اهڙي ڌرتي تي ٿيڻ جنهن کي امن آشتي ،صوفين جي ڌرتي سڏيو ٿو وڃي وڌيڪ ڊيڄاريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهي.ڇاڪاڻ ته اهڙا واقعا اهو ظاهر ڪن ٿا ته سماج ۾ ڪٿي بگاڙ شروع ٿي ويو آهي جنهن کي اتي سنڀالڻ جي ضرورت آهي.اهو جاچڻ جي ضرورت آهي ته آخر اهڙا واقعا ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن،ڪهڙين قوتن جي اهڙن ڪردارن کي پٺ حاصل آهي جيڪي سماج ۾ ناسور وانگر ظاهر ٿي رهيا آهن.جيڪي ڪجهه ٿيو آهي ان جو ذڪر ڪندي به لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ته جن تي اها وارتا گذري آهي انهن جي حالت ڇا هوندي اها نه ٻڌائي سگهجي ٿي نه محسوس ڪري سگهجي ٿي.

سماج ۾ جڏهن قانون ڪمزور ٿيندو آهي ته ان جو وڌ ۾ وڌ نقصان ڪمزور طبقا ڀوڳيندا آهن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار اچي وڃن ٿا ڇاڪاڻ کين سولو شڪار سمجهي  نشانو بڻايو ويندو آهي.ڪڏهن ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ عورت کي ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي ته ڪڏهن پئسن عيوض ننڍي عمر ۾ وڏي عمر جي ماڻهو حوالي ڪيو ويندو آهي ڪڏهن پسند جي شادي ڪرڻ تي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ته ڪڏهن خون بها ۾ سڱ چٽي ۾ ڏنو ويندو آهي. اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري ممڪن هوندو آهي ته قانون پنهنجي پڪڙ وڃائي ويهندو آهي ۽ پوءِ اهي فيصلا ڪجهه طاقتورن جي هٿن ۾ هجن ٿا اهو طاقتور ڪو وڏيرو به ٿي سگهي ٿو ،ته ڪو سياسي ماڻهو به ٿي سگهي ٿو ته علائقي جو چڱو مڙس به ٿي سگهي ٿو ته ڪو علائقي جو ڏوهاري  به ٿي سگهي ٿو جيڪي قانون کي پنهنجي مرضي ۽ پئسي سان هلائيندا آهن.

نئون ڪوٽ جو واقعو به اهڙي ئي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي جنهن ۾ پوليس سڀ ڪجهه خبر هوندي اهو تحرڪ نه ورتو جنهن ڪري ايڏو واقعو ٿي ويو، ڄڻ ته پوليس انهي واقعي ۾ مددگار جو ڪردار ادا ڪيو هجي، جڏهن ته انهي واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي ملوث هجڻ جو به نالو ورتو پيو وڃي. اسان اڪثر ڏٺو آهي ته پوليس جي ٿوري غفلت سدائين اهڙن المين کي جنم ڏيندي آهي  جيڪڏهن پوليس وقت تي تڪڙو تحرڪ وٺي ها ته شايد انهي واقعي کي ٿيڻ کان روڪي سگهجي پيو.پوليس جي خرابي تي گهڻي وقت کان ڳالهايو ويندو رهيو آهي. ان ۾ خرابي جو سبب قانون تي عمل ڪرڻ بدران علائقي جي ڀوتارن،وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن کي راضي رکڻ  هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن ضلعي جو ڪو آفيسر بدلي ٿئي ٿو ته اهو پنهنجو پهريون فرضي اهو سمجهندو آهي ته هو وڃي ڪنهن چونڊيل نمائندي يا ڀوتار جي حاضري ڀري جنهن جي چوڻ تي کيس ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويندو آهي انهي کان پوءِ اهو آفيسر پاڻ کي ڄڻ ته قانون جي مرضي بدران انهي چوڻ تي هلائيندو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته نئون ڪوٽ واقعو پوليس جي ڪارڪردگي سميت اسان جي سماجي بگاڙ تي ڪيئي سوال اٿاري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پوليس جي ڪمزوري جي ڪري اهڙن ماڻهن کي اهڙيون ڪارراويون ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي تنهن ڪري سنڌ حڪومت هن ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس  سمجهي ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائي ۽ پوليس ۾ پيدا ٿيل خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺي.