” پئن- يورپينزم ڏانهن کڄندڙ وکون”

0
215
هڪ-مدبر-جو-وڇوڙو

اهو شايد 90- 89 جو سال هو جڏهن گورباچوف جرمني مان دستبردار ٿيڻ جو سوچڻ لڳو هو. برلن ۾ مشرقي جرمني جي قائد هينيڪر سان ٽن ڪلاڪن جي ملاقات کان پوءِ اتان جي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي، گورباچوف معمول مطابق جرمني جي ڪراڙن ڪميونسٽن تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. اوڀر جرمني جنهن لاءِ  برزنيف جي دور ۾  چيو ويندو هو ته اها سوشلزم کان اڳتي وڌي ڊويلپڊ سوشلزم يا ڪميونزم جي دور ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهي آھي، گورباچوف اهي پنا ڦاڙي اڇلائي کين ٻڌايو ته سندن ملڪ جو ڍينگو ڍير  ٿيڻ وارو آھي، جنهن تي يورپ ته ڇا پر پوري دنيا حيران ٿي هئي. چاهڻ باوجود سوويٽ يونين جا ٻي عالمي جنگ وارا اتحادي ملڪ فرانس ۽ برطانيه جرمني جي متحد ٿيڻ تي خوف ۾ ورتل هئا.

ڇاڪاڻ ته پهرين عالمي جنگ ۾ تباهه ٿيل جرمني ارڙھن سالن جي ٿوري عرصي ۾ يورپ جي طاقت بڻجي اڀرڻ کان پوءِ پلاند ۾ دنيا تي ٻي عالمي جنگ مسلط ڪئي هئي. انهيءَ جنگ دوران يالٽا ۽ پوٽسڊيم ڪانفرنسن ۾، اسٽالن،  رُوزويلٽ ۽ چَرچِل ۽ پوءِ صدر ٽرُومين، عملي طور جرمني سان گڏ يورپ کي ٻن، ”مغرب“ ۽ ”مشرق“ جي سياسي اصطلاحن ۽ حصن ۾  ورهائي جرمن طاقت کي آئينده لاءِ اڻ سڌي طرح مڪمل ختم ڪري ڇڏيو هو. يورپ جي اهڙي تقسيم تي 1975ع ۾ هيلسنڪي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر  مهر سبط ڪئي وئي هئي پر هاڻي پندرنهن سال گذرڻ کان پوءِ، گورباچوف، اوڀر جرمني پليٽ تي رکي مغرب کي واپس ڪرڻ وڃي رهيو هو.

 ان مسئلي تي هن مشرقي ۽ مغربي جرمني سان گڏ،  ٻنهي عالمي جنگين ۾ پنهنجن ٽن اتحادين سان ڊپلوميٽڪ ڊائلاگ جي شروعات ڪري ان  کي ”ٻه پِلس چارَ“ فارمولا جو نالو ڏنو هو ۽ تجويز ڏني هئي ته جرمني جي متحد ٿيڻ کان پوءِ ان کي نيٽو اتحاد مان ڪڍي يورپ جي هڪ خود مختيار ۽ نيوٽرل ملڪ جي حيثيت ڏني وڃي.

گورباچوف جي، ان تجويز هڪ طرف آمريڪا جي ايوانن کي لوڏي وڌو هو ته  ٻئي طرف روس جي پروفيسرن ۽ اڪيڊميا پنهنجن ڪچھرين ۾ ان تجويز کي ” پئن- يورپينزم“ سڏڻ شروع ڪيو هو ۽ ايئن برابر هو. ڇو ته جيڪڏهن جرمني متحد ٿيڻ کان پوءِ  نيٽو کي الوداع پئي ڪيو ته آمريڪا جي يورپ ۾ سياست ۽ سندس ٺاهيل بلاڪ جي بنھه پڄاڻي پئي ٿي ۽ يورپ آمريڪي monopoly کان آزاد پئي ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ ان وقت جو آمريڪي وزير خارجه جيمس بيڪر ۽ پوءِ صدر بش گورباچوف سان ڳالهيون ڪرڻ ماسڪو پهتا جن گورباچوف اڳيان ٻه تجويزون رکيون، جن کيس ۽ فرينچ صدر متران کي ڊيڄاري وڌو ته، نيوٽرل ۽ متحد جرمني هر صورت ۾ ايٽمي طاقت ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اڳتي هلي ھٽلر وانگيان يورپ جي امن لاءِ به خطرو پيدا ڪندو.  تنهن ڪري يورپ جي ڀلائي ان ۾ آھي ته متحده جرمني کي نيٽو ۾ رهڻ ڏنو وڃي. پنهنجي ان تجويز سان گڏ بُش ۽ بيڪر، نيٽو اتحاد جي واڌ ويجھه نه ڪرڻ جي گارنٽي ڏيندي سوويٽ يونين کي پنجن سالن لاءِ ٽي لک فوج اوڀر جرمني ۾ رکڻ جي به اجازت ڏني هئي.

ان وقت گورباچوف جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو هڪ سال کان پوءِ  سندس ملڪ جو وجود ئي نه رهندو، تنهن ڪري آمريڪا طرفان نيٽو کي نه وڌائڻ واري ڏنل پڪ تي هو وڌيڪ خوش ٿيو ڇو ته اندر اندر ۾ ۽  ذھني طور هو بالٽڪ رياستن کي به  آزاد ڪرڻ وڃي رهيو هو، جنهن کي صدر پيوٽن ويهين صدي جو وڏو حادثو سڏي رهيو آھي. اها هئي منهنجي سفرنامي يا ڊائري ۾ لکيل ان وقت جي سوويٽ سياست جي معلومات.

پر ڪالھه فرينچ صدر مائڪون،  پيوٽن سان ملاقات کان پوءِ اهو چئي حيران ڪري ڇڏيو ته يورپ جي موجوده، يعني سوويٽ يونين کان پوءِ واري ترتيب، سياسي ۽ دفاعي نقطه نظر کان عمل جوڳي ناهي جنهن لاءِ متبادل طريقا ڳولهڻ گھرجن جيڪي روس کي به پسند اچن. سندس انهي بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ۽ برطانيه جو هي اهم اتحادي ملڪ پنهنجو وَزَنُ پيوٽن جي پاسي وجهي رهيو آھي جيڪو پنهنجي ٻن ڏهاڪن جي سياست ۾ يورپ جي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ تي زور ڏيندو تجويزون پيش ڪندو اچي ٿو. ميڪون جي ان بيان اها ڳالھه واضح ۽ پڌري ڪري وڌي آھي ته يورپي يونين ۽ نيٽو جي ملڪن جا يوڪرائين جي مسئلي تي پاڻ ۾ اختلاف آھن.  تنهن ڪري ميڪون جو ماسڪو ۾ ڏنل بيان کي به  pan- europeanism ” پئن- يورپينزم“ جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ پرکڻ گھرجي. اها وک جيڪا گورباچوف کنئي هئي صدر ميڪون جو بيان ٻي وک ڪري سمجھڻ گھرجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

حقيقت اها آھي ته بالشويڪين کان پوءِ واري روس جي ڪميونسٽ قيادت، پوءِ ڀلي گورباچوف هجي يا پيوٽن، انٽرنيشنلزم بدران،  پئن ازم واري سياست کي ترجيح ڏيندا رهيا آھن. يوڪرائين جي قيادت کي اها ڳالھه نه وسارڻ گھرجي ته هن وقت به هو ڏيڍ ارب ڊالر جا هٿيار خريد ڪري چڪا آھن .IMFجو قرض مٿن جدا چڙھي رهيو آھي. مطلب ته آمريڪا سان ياري کين مهانگي پئجي رهي آھي تنهن ڪري  پاڙيسري ۽ خطرناڪ روسي رڇ سان اٽڪائڻ بدران هنن کي ساڻس بهتر لاڳاپا رکڻ جي ضرورت آھي. آمريڪا ۽ برطانيه کي به سوچڻ گھرجي ته يوڪرائين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ سان عالمي امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. يوڪرائين نيٽو جو ميمبر ٿيڻ کان پوءِ روس کان ڪريميا جي واپسي جي گھر ڪري سگهي ٿو، انڪار جي صورت ۾ ماسڪو سان سندن جنگ جو اعلان، نيٽو جي آرٽيڪل 5 مطابق پوري نيٽو  اتحاد جو اعلان شمار ٿيندو. سرد جنگ دوران سخت نظرياتي اختلافن باوجود ڪميونسٽ ۽ capitalist بلاڪ ۾ ايٽمي جنگ نه لڳي سگهي هئي سا هاڻي سولائي سان دُکي ۽ ڀڙڪي سگهي ٿي. تنهن ڪري آمريڪا کي روس جي ٽن اهم مطالبن، نيٽو جي توسيع نه ڪرڻ، روسي سرحدن تي ميزائيل نصب نه ڪرڻ ۽ نيٽو کي 1997ع جي پوزيشن تي وٺي وڃڻ ۾ ڪو هرج ۽ نقصان ناهي ٿيڻو. آمريڪا کي تسليم ڪرڻ گھرجي ته پيوٽن دنيا تي روس جو سياسي اثر قائم ڪرڻ ڪامياب ويو آھي. تنهن ڪري ساڻس برابري جي بنيادن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ هڪ نئين ورلڊ آرڊر ۾ کيس ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۾ بهتري آھي ورنه پئن يورپينزم جي دکيل چڻنگ سندس عالمي ساک کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

[email protected]