“عوامي آپشن” جي خوف جو احساس

0
168
“عوامي آپشن” جي خوف جو احساس

 “عوام وٽ اسان کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي”  اهو جملو نه ڪنهن وفاقي وزير يا صلاحڪار جو آهي ۽ نه وري ڪنهن برگر يا چاڪليٽي دانشور جو آهي جيڪو ليڊر جي دل ۽ دماغ ۾ پنهنجي ذهانت ۽ وفاداريءَ جي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي چيو ويو هجي. اهي لفظ وزير اعظم عمران خان پنهنجي پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي صدارت ڪندي چيا.  يقينن اهڙي نظريي ۽ جملن جي پويان جي ڪيفيت کي سمجھڻ ڏکيو ناهي ڇو ته اها ڪيفيت ٻن پاسن تي بيٺل هوندي آهي، هڪ ايندڙ وقت جي ڏکاين سختين ۽ مقابلن جو احساس ۽ خاص ڪري پنهنجي ٽيم جي اندروني ڪمزورين ۽ انهن جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جي خدشن کي محسوس ڪندي مستقبل جي ڪاميابيءَ جي آٿت ڏيندي کين حوصلو مضبوط ڪرڻ جي لاءِ  اهي لفظ چوڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي آهي ته عوام وٽ اسان کان سواءِ ٻيو آپشن آهي ئي نه، تنهن ڪري پنهنجا حوصلا بلند رکو. ان نفسيات جو ٻيو پاسو آمريت جي بيماري ۾ مبتلا دماغ هوندا آهن جيڪي پاڻ کان سواءِ هر شيءَ کي غلط ۽ اڻ پورو سمجھندا آهن.

عمران خان نرگسيت جي ڪيتري به اثر هيٺ هجي پر هو سياست جي دنيا ۾ رهندي سياسي بساط تي ڦرندڙ گرندڙ مهرن جي مزاج کي گھڻي حد تائين سمجھي ٿو. عمران خان هي به سمجھي ٿو ته هو لک چاهڻ جي باوجود جنرل ضياءَ جيان اهڙي ريفرينڊم ۾نٿو وڃي سگھي نه ڪرائي ٿو سگھي جنهن ۾ جنرل ضياءَ الحق آمريت جي تاريخ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب نظريي ۽ حڪمتِ عمليءَ جو اضافو ڪندي عوام کان ريفرينڊم متعلق هي سوال پڇيو  هو “ اوهان کي اسلامي نظام گھرجي يا نه ؟ جي ها ته مان جنرل ضياءَ الحق پنجن سالن لاءِ هن مملڪتِ خداد جو صدر هوندم”. عوام توڙي جو ان ريفرينڊم جو پوري ملڪ ۾ بائيڪاٽ ڪيو  هو پر جنرل ضياءَ پنهنجي آمراڻي طاقت جو استعمال ڪندي پنهنجي حق ۾ “ها” تي ٺپا هڻي ريفرينڊم ۾ پنهجي ڪاميابي جواعلان ڪيو. صدارتي ريفرينڊم جي مشڪري اسان وٽ سندس پيروڪار جنرل مشرف ڪئي عمران خان ڀلي هي چاهيندو هجي ته هن ملڪ ۾ پارلياماني نظام کان جان آزاد هجي سندس خواهش ڀلي اها هجي ته هو ڪاش اهڙو ريفرينڊم ڪرائي جنهن ۾ هو اهو سوال ڪري ته “ پيارا پاڪستانيو ڇا اوهان کي ايماندار سربراھه گھرجي يا نه؟ جي گھرجي ته مان عمران خان نيازي ايندڙ پنجن سالن لاءِ صدر هوندس ” ملڪ ۾ صدارتي نظام جي خواهش جو دٻيل اظهار هن جا پوئلڳ  ته ڪري رهيا آهن پر خاص ڪري ڪي پي  جو گورنر جيڪو هن جو پراڻو پارٽي جو ساٿي آهي اهو کلي عام صدارتي نظام جي حق ۾ ڳالهائي رهيو آهي.

خير “هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پر دم نڪلي” جيان اسان جي وزير اعظم جون به ڪيتريون ئي خواهشون هونديون اقتدار جو سحر فرد کي ڪٿي کان ڪٿي ٿو پهچائي انهيءَ کي سمجھڻ جي لاءِ تاريخ جا ورق اسان جي اڳيان موجود آهن، پر پاڻ عوامي آپشن جي بيان تي بحث ڪندي اهوئي اندازو لڳايون ٿا ته عمران خان هاڻي ٺيڪ طرح سان سمجھي پيو ته ايندڙ وقت هن جي لاءِ سولو ناهي ۽ نه موجوده مخالف ڌر ايندڙ وقت ۾ به ڪمزور هوندي. سياست جي داءُ پيچ جا ماهر مخالف ڌر جا سياستدان ڪيترا پتا کيڏندا انهيءَ جو اندازو انهن کي ٺيڪ طرح سان آهي هو رڳو ان طاقت تي نٿو ڀاڙي جنهن هٿ جو اشارو وزير داخلا شيخ رشيد وڏي واڪي ڪندو ٿو رهي. عمران خان هي به سمجھي ٿو ته جي سياست جا ٽڪراءَ ۽ تضاد شدت سان اڀري آيا ته سندس صفن ۾ ڪمزوري پيدا ٿيڻ اڻ ٽر هوندي، انهيءَ ڪري هو رڳو پنهنجي ساٿين کي اها آٿت نٿو ڏئي ته اسان جي پارٽي يعني مان عمران خان پاڪستاني عوام جي لاءِ آخري آپشن آهيان پر هو تحريڪ جي لوڏن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايگزيڪٽويو ڪميٽي ۾ هي به فيصلو ڪري چڪو آهي ته هاڻي هو ڀرپور طريقي سان جلسه ڪندو، جلسن جي تياري جي سلسلي ۾ هن پنهنجي پارٽي جي تمام اهم اڳواڻن کي سرگرم ٿيڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو آهي.

ايندڙ ڪجھه مهينا هن ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي هڪ نئون منظر پيش ڪندا جنهن ۾ هڪ طرف مخالف ڌر جا جلسا، جلوس، لانگ مارچ هوندا ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ جا جلسا هوندا. ان جلسن ۾ هڪ ٻئي ٽيسٽ به ٿي ويندي يعني خود حڪومت جي اندر شامل اتحادين جي ڪيتري شرڪت عمران خان جي جلسن ۾ ٿئي ٿي. هاڻي کان مخالف ڌر يعني ن ليگ ۽ پ پ پ پنهنجا پنهنجا ٽارگيٽ کنيا آهن، اهي ٽارگيٽ بظاهر ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي لاءِ ٻڌايا ٿا وڃن پر اها ڊپلوميسي يقينن حڪومت جي صفن ۾ ڪمزوري پيدا ڪندي. هاڻي جڏهن عمران خان جي جلسن ۾ اتحادي شريڪ نه ٿيندا جنهن جو امڪان گھڻو چٽو ۽ واضح آهي ۽ ملڪ جي اندر مهانگائي جو حشر تاريخ جي بدترين سطح تي پهتل آهي. ڪيترائي سروي، ڪيترو به ليپو پوچي ڏين پر اهو مڃڻ تي مجبور آهن 75 سيڪڙُو عوام رڳو غربت جو عذاب نٿو ڀوڳي پر روزانو جياپي جي لاءِ هو هاڻي قرض ٿو کڻي.

يقينن انهن ۾ ڪجھه ماڻهو ته اهڙا هوندا جيڪي قرض کڻي پوراءُ ڪرڻ تي مجبور هوندا پر جن کي قرض نه ملندو هوندو انهن جي زندگي غربت جي لڪير کان به هيٺ ڪرندي ٿي وڃي. اها پوري پيڙا خاص ڪري وچولي طبقي سان وڌيڪ آهي جو دوائون تاريخ ۾ 500 سيڪڙو مهانگيون آهن کاڄرو تيل 300 سيڪڙو، داليون ۽ کنڊ 100 سيڪڙو، اٽو 100 سيڪڙو، ڪرايا 200 سيڪڙو، گيس جو بل 500 سيڪڙو، بجلي 300 سيڪڙو مهانگي هجڻ کان پوءِ عام ضرورت جو شيون مارڪيٽ ۾ ڪپڙا ۽ جوتا ڪيترين قيمتن تي ملن ٿا ۽ ڪيترا مهانگا آهن اها پوري ڀوڳنا وڌ کان وڌ غريب ۽ مڊل ڪلاس ڀوڳي ٿو.  اسان هي به سمجھون ٿا ته سياسي هلچل ۽ جلسن ۾ رضاڪاراڻي شرڪت وڌ کان  وڌ مڊل ڪلاس طبقي جي هوندي آهي باقي ڪرائي جي ماڻهن سان پنڊال ڀرڻ سياسي اميج کي برباد ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به ناهي هوندو. ڀلي ميڊيا جي اندر رپورٽ نه ٿئي پر عوام ۾ اها کليل حقيقت سڀني جي سامهون هوندي آهي ته جلسي گاھه ۾ ماڻهو ڪيئن شريڪ ٿا ٿين.؟

اسان سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ وٽ پارٽي تنظيم هاڻي نالي ماتر موجود آهي جيڪا سحر آميز ۽ ڇڪ پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ پهريان هوندي هئي هاڻي انهيءَ جو امڪان 90 سيڪڙو گھٽ آهي. ڀلي عمران خان پنهنجي صلاحڪارن ۽ وزيرن جي ان تصورن ۾ هجي ته هو ماڻهو جاگيردارن جيان گاڏين ۾ ڀري جلسي گاھه ۾ آڻيندا يا صرف پنهنجي ساراھه ڪندڙ سندس حامي وزير ۽ صلاحڪار جيڪي پي ڊي ايم جي هزارن جي تعداد ۾ شامل ماڻهن جي انبوھه کي جلسڙي سڏيندا اچن ٿا اهي پنهنجي جلسن جي ڪيتري به وڌي چڙهي ساراھه ڪن پر حڪومت جو ٿورو گھڻو لڪيل ڀرم به ظاهر ٿي پوندو.  حڪومت وقت جلسن کان وڌيڪ عوام ۾ پنهنجو اميج انتظامي ۽ فلاحي ڪردار سان پيدا ڪندي آهي ڪڏهن به وزير اعظم ايترا بيان  ناهي ڏيندو، جيترو هن حڪومت ۾ وزير اعظم ڏئي رهيو آهي پر هي صاف ۽ چٽو نظر اچي پيو ته عمران خان پاڻ کي ڪيترو به جنوني ۽ متحرڪ سمجھي ليڪن گرائونڊ تي سياسي جلسن جي راند ان جي لاءِ ڪڏهن به فائديمند نه ٿيندي؟ ڇو ته معاشي حالتون بد کان بد تر، انتظامي ڪمزوري ۽ نااهلي کان وڌيڪ پوري متحدا اپوزيشن جڏهن تحرڪ ۾ هجي ته پوءِ حڪومت کي موٽ ملڻ انتهائي ڏکي هوندي آهي.

بيان ڪهڙو به هجي پر ڪئميرا جو فوڪس سچ ئي ڳالهائيندو آهي. عمران خان کي جيڪڏهن ذهن ۾ اهو ويٺل آهي ته هو پاڻ کي روڊن تي تحرڪ ۾ آڻڻ سان عوام کي پنهنجي حق ۾ ڪري ويندو ته اهو عوامي نفسيات کي يوٽوپين انداز ۾ سمجھڻ جو رويو آهي. عوام پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ ٽل آسرن تي نٿو هلي سگھي. جيئن اياز چيو آهي ته“ سدا آهي ساھه کي ڳڀي جي ڳولا ڍو بنا ڍولا ناهي ساڃاھه سونهن جي” حڪومت جا جلسا ڪيترو به رومانس ۽ سونهن پيدا ڪن پر بدحالي ۽ بک جو ماريل عوام انهن جلسن ۾ وڃڻ جي بجاءِ مخالفن جي جلسن ۾ ئي ويندو ها باقي ڪجھه مخصوص علائقن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ جلسا ڪري پنهنجي ٽيم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ ڪجھه اتساھ پيدا ڪري سگھجي ٿو ۽ پوءِ هي به دعويٰ ٿيندي ئي رهندي.

“عوام وٽ اسان کان سواءِ ٻيو آپشن ناهي” پر انهيءَ سان گڏوگڏ عوامي آپشن جي خبر خان ڀائي کي پوري طرح آهي ۽ انهيءَ جو خوف به هن جي دماغ ۾ يقينن ڦرندو هوندو.