ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ مقرريون بدليون، عطاءَ الله چانڊيو اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد مقرر، آءِ جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر جي انچارج ايس ايس پي عطاءَ الله چانڊيو کي بدلي ڪري اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس پي ڪمپلينٽ سيل لاڙڪاڻو اختر چانڊيو کي بدلي ڪري ايس پي پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت محمد جمن جويو کي ايس پي سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي