قمبر (رپورٽر) قمبر جي اسٽيشن محلي و رھواسي نوجوان پورھيت حاڪم چانڊيو کي مبينا طور نامعلوم ماڻهن فنڊ وٺي ڏيڻ بھاني اغوا ڪري وارثن کي ڀنگ لاءِ فون ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مبينا طور اغوا ٿي ويل پورھيت جي ڀاءُ اختيار چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ حاڪم چانڊيو 3 ڏينهن اڳ رات جي وقت گهر اهو چئي ويو ته فنڊ وٺڻ لاءِ وڃا پيو جنهن بعد هو واپس ناهي آيو، هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن نامعلوم ماڻهن فون ڪري چيو ته تنهنجي ڀاءُ کي اسان اغوا ڪيو آهي، اڍائي لک ڀنگ ڏئي بازياب ڪرايو، ھن چيو ته اسين غريب پورھيت آھيون، مزدوري ڪري پيٽ پاليون ٿا، ڀنگ جي رقم نٿا ڀري سگهون. هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي ڀاءُ جي بازيابي جي اپيل ڪئي.