حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نيٺ عدالتي حڪم کانپوءِ انٽرنيٽ تان پنهنجي ويب سائيٽ هٽائي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد 3 جون تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ خلاف داخل درخواستن تي تفصيلي فيصلي ڏيڻ دوران حڪم ڏنو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران انٽرنيٽ تي هلندڙ ويب سائيٽ کي هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ويب سائيٽ کي هلائڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد 5 ڏينهن کانپوءِ نيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انٽرنيٽ تان ويب سائيٽ هٽائي ڇڏي آهي، انٽرنيٽ تان ويب سائيٽ هٽائڻ بعد اهو ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ويب سائيٽ هٽائي وئي آهي.