ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالت متحده باني جي چڙ ڏيارڻ واري تقرير ۾ سهولتڪاري جي 21 ڪيسن ۾ جوابدار طور نامزد ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر، ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهار الحسن، رئوف صديقي، قمر منصور، سلمان مجاھد بلوچ ۽ ريحان ھاشمي خلاف ڪيسن جي ڪارروائي روڪي کين بري ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران وسيم اختر، ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهار الحسن، رئوف صديقي، قمر منصور، سلمان مجاھد بلوچ ۽ ريحان ھاشمي پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت سندن پاران بريت واري درخواست منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وسيم اختر ۽ ٻين پاران داخل ڪيل بريت وارين درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو ته ملير پوليس سندن خلاف ڄاڻايل ڪيس سياسي انتقام تحت داخل ڪيا آھن، اهي متحده باني جي چڙ ڏيارڻ واري تقرير وقت موجود ئي نه ھئا، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ملير پوليس ھڪ ئي واقعي بابت مختلف ٿاڻن تي 21 ڪيس داخل ڪيا آھن جن جا اڪثر فريادي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ به نه آيا آھن. درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ ھن وقت تائين سندن خلاف اھڙو ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو آھي، جنھن جي بنياد تي سندن مٿان ڏوھه ثابت ٿي سگھي ۽ کين سزا ملڻ جو امڪان ھجي، واضح رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرن جا 2 ڪيس اڳ ۾ ختم ڪيا ويا هئا، باقي 4 ڪيس اڃا به ٻڌڻي هيٺ آهن.