حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪميٽي پاران 21 مئي تي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 50هين ورسي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي تي هر سال جيان هن سال به سنڌ جا پورهيت، هاري ۽ مزدور گڏ ٿي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندا. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي موجب ته ورسي جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ انهن قومپرست ڌرين سميت سنڌ جي ساڃاهه وندن کي پڻ دعوتون ڏنيون آهن.