سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
26
سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي
سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايڪس ۽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت تسليم ڪيو ته ايڪس بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي لکيو هو پر ايڪس بند ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايا ويا

 چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڪس ڇو بند ڪيو ويو آهي؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ۾ چيو ته ايڪس ته ڪالهه هلي رهيو هو

چيف جسٽس ٻيهر پڇيو ته ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان هدايتون وٺان ٿو ته ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل ايڪس جي بندش بابت گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر خط واپس نه ورتو ويو ته عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪندي