ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ حڪومت ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ کي هٽائي ڇڏيو، عمران يعقوب منهاس نئون ايڊيشنل آءِ جي مقرر، 2 ايس ايس پي به تبديل، ان ڏس ۾ ڪالهه چيف سيڪريٽري هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪري ڇڏيو، جتان عمران يعقوب منهاس کي بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو. ذريعن موجب ڪراچي پوليس جي گذريل ميٽنگ ۾ غلام نبي ميمڻ آفيسرن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته ممڪن آهي ته منهنجي صدارت ۾ هي آخري ميٽنگ هجي. ذريعن موجب غلام نبي ميمڻ جي بدلي کان اڳ آءِ جي سنڌ وڏي وزير سيد مراد شاهه سان ملاقات ڪئي، انهي ملاقات ۾ ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ به موجود هو، انهي ميٽنگ کانپوءِ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. غلام نبي ميمڻ 21 مهينا 25 ڏينهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي رهيو، نئون ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس اهو پهريون آفيسر آهي، جنهن ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي مبينا اغوا واري واقعي تي سڀني کان پهرين ٻن مهينن جي موڪل جي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ هن چيو ته واقعي تي وڏو صدمو رسيو آهي، هاءِ ڪمانڊ جي تذليل سبب شديد ذهني دٻاءَ جو شڪار آهيان، انهي صورتحال سبب ڪم جاري نٿو رکي سگھان، منهاس ٽي پي او ڪلفٽن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي آءِ جي آر آرايف، ڊي آءِ جي (ايڊمن)، ڊي آءِ جي (هيڊڪوارٽر ) ۽ آءِ جي جيلز طور به پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنيون، عمران يعقوب منهاس پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اهم پوسٽن تي رهيو آهي عمران يعقوب منهاس 1966 ۾ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ پيدا ٿيو، 1991 ۾ پوليس ۾ اي ايس پي طور ڀرتي ٿيو. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ايس ايس پي ڪورنگي فيصل عبدالله چاچڙ کي هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي عمرڪوٽ شاهجهان کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مختيار خاصخيلي کي ايس ايس پي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو آهي