ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت سنڌ جي هڪ وڌيڪ سيڪريٽري جون خدمتون واپس وٺي ڇڏيون، انڊسٽريز کاتي جي سيڪريٽري محمد رياض الدين جون واپس وٺڻ لاءِ وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ انڊسٽريز کاتي ۾ مقرر ٿيل 20هين گريڊ جي وفاقي سروس جي (سيڪريٽريٽ گروپ) جي سيڪريٽري محمد رياض الدين کي جلد وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرايل رياض الدين سنڌ ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ سميت ٻين اهم کاتن ۾ به سيڪريٽري طور رهي چڪو آھي.