مصور شيشو ڀڃي انوکا فن پارا تيار ڪرڻ لڳو

0
382

برن (دلچسپ نيوز) مصور شيشو ڀڃي ان مان انوکا فن پارا ٺاهي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سائمن برجر جو تعلق سوئٽزرلينڊ سان آهي ۽ سندس شهرت جو سبب اهي تصويري شاهڪار آهن جيڪي هو هٿوڙي جي مدد سان شيشي تي خاص انداز ۾ ڏار وجهي تخليق ڪندو آهي.ان مقصد لاءِ هو ليمي نيٽڊ شيشا استعمال ڪندو آهي ڇو ته اهو هٿوڙي جي پهرين ضرب سان ٽٽندو ناهي پر ان ۾ صرف ڏار پوندا آهن.جڏهن انهن تصويرن کي ويجهي کان ڏٺو ويندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ شيشي ۾ تمام گهڻا ڏار پهجي ويا آهن ۽ اهو ٽٽڻ وارو آهي، پر ڪجهه فاصلي کان ڏسڻ تي خبر پوندي آهي ته اها اصل ۾ هڪ تصوير آهي.سائمن جيتوڻيڪ مصور آهي پر هن واڍڪي ڪم جي باقاعدا تربيت پڻ وٺي رکي آهي، هو پنهنجي ڪم کي منفرد ۽ پرڪشش بڻائڻ چاهي پيو، ان لاءِ اهڙا شاهڪار تيار ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو جيڪي شيشي ۾ ڏار وجهي ٺاهيا وڃن، شروعاتي ناڪامين کانپوءِ کيس خبر پئي ته ليمي نيٽڊ گلاس سندس ان مقصد کي پورو ڪري سگهي ٿو.آهستي آهستي هن پنهنجي طور تي هڪ نئون فن سکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه سالن جي مشق کانپوءِ هاڻ هو ايتري قدر ماهر ٿي چڪو جو شيشي تي منهن جي واضح بناوٽ به تمام آساني سان ٺاهي وٺندو آهي.