سنڌ جي هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ جي ياد ۾

0
564

ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جو هڪ ڪتاب “سوشلزم ڇو ضروري آهي” مون گهڻو وقت اڳ ئي پڙهيو هو. ڪتاب بنھه سادي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ لکيل هو. اهڙو سولو سوشلزم جو تعارف مون اڳ نه پڙهيو هو. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ هڪ سوشلسٽ اسڪول ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هڪ صفا سادو ۽ سٻاجهو ڳوٺاڻو ماڻهو. پهرين ملاقات ۾ انتهائي محبت ۽ عاجزي سان مليو. ڪو غرور، ڪو فخر، ڪو ڏيکاءُ، ڪا وڏائي ڪجھه به نه. بس هڪ فقير طبيعت ماڻهو. مون کي چيائين توهان کي گهڻو سڃاڻان ٿو.
اها آخري ايامن جي ڳالھه آهي. مون کي ڪامريڊ محمد خان جي فرزند ڪامريڊ ننگر خان فون ڪئي ته بابا توهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. ڪامريڊ احمداڻي فون تي اسرار ڪيو ته منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، هڪ ڪچهري ڪجي. هاڻ زندگي جو سج لهڻ وارو آهي.
آئون سندس ڳوٺ نئون دمبالو پهتس. مون سان گڏ گنپت راءِ هجي. ڪامريڊ کي ساھه جي تڪيلف هجي. مشڪل سان ڳالهائي سگهندو هجي. نه ويهي سگهي ۽ نه رواني سان ڳالهائي سگهي. ننگر خان سندس خدمت چاڪري ڪري رهيو هو. اسان سوال پيا ڪريون. ڪامريڊ تمام سنجيدگي سان انهن جا جواب پيو ڏئي. ڏينهن جو ۽ رات دير تائين ڪچهري ڪيائين. صبح جو به اسان جا سوال ۽ ڪامريڊ جا جواب. زندگي ۾ ڪاياپلٽ ڪيئن ٿي، اسان کي اها به دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي.
محمد خان 1969ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، 1971ع ۾ سيالڪوٽ جي بارڊر تي انڊين آرمي هٿان گرفتار ٿي ڄمون ڪشمير جيل پهتو. اها ڪٿا پنهجي زباني ڪري ٿو: اسان ڇھه پاڪستاني فوجي قيد ٿي وياسين، جتي جيل ۾ هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ چمن مليو، جيڪو اڻ برابري ۽ استحصال پسند سماج جي باري ۾ سوال ڪندو هو ۽ ڪتاب به ڏنائين جنهن منهنجي منجمند ذهن کي جهنجهوڙيو، هائو ٻيلي چوي ته درست ٿو. چمن ۽ ٻين ڪامريڊن جي ڪچهرين ۽ ڪتابن منهنجي نظرياتي آبياري ڪئي. اهي ڪميونسٽ اتي پڙهندا ۽ بحث مباحثو به ڪندا هئا. جيل ۾ اسان ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ۽ ان جو ميمبر ٿيس. شملا ٺاھه تحت اسان آزاد ٿياسين. جيل جي ڏينهن ۾ نڪسلائيٽ ڪامريڊن جي ڳالهين مون کي صفا باغي بڻائي ڇڏيو. آزاد ته ٿي ويس، پر هاڻ ڇا ڪجي؟ مان فوج جي نوڪري تان مستعفي ٿي ويس. واپس اچي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيس، ۽ اڳتي هلي الڳ ٿي ويس ۽ عوامي تحريڪ عوامي گروپ ٺاهيو.
ڪامريڊ عوامي تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جا سبب دليل سان ٻڌايا. 1979ع جي عرصي ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي وطن دوست پارٽي ٺاهي. ايم آر ڊي ۽ نواز شريف جي دور ۾ گرفتارين جا احوال اوريائين. گرفتارين جا واقعا مختلف وقتن تي مختلف ٿيندا رهيا. 1991ع ۾ وطن دوست پارٽي ختم ٿي ته ارباب کهاوڙ پيپلز پارٽي ۽ ڪامريڊ احمداڻي لال خان جي طبقاتي جدوجهد ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ جي زندگي جو گهڻو عرصو طبقاتي جدوجهد ۾ گذريو. نظرياتي اختلاف رکندي اتان به مستعفي ٿيو، ۽ هڪ اختلافي نوٽ لکيائين.آخر ۾ سوشلسٽ موومينٽ سنڌ ۾ رهيو. سندس ارادو پختو هو ته وطن دوست کي ٻيهر جوڙجي.
ڪامريڊ فتح ٽيڪسٽائيل مل حيدرآباد ۾ مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري ۾ ورڪر طور پورهيو ڪندو رهيو. ڪامريڊ مختلف فيڪٽرين ۽ ملن ۾ ٽريڊ يونين جي گهڻي سياست ڪئي ۽ ان جا تجربا ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن ڪانفرنسون، جلسا ۽ تنظيم سازي ڪندا هئا. ٻيڙي مزدورن، پٿر ٽوڙيندڙ مزدورن، ٻوريون کڻندڙ مزدورن جي يونين سازي تائين به ڪم ڪيو. اينگرو ڪيميڪلز ڏهرڪي، شگر ملز ٺٽو، ٽيڪسٽائيل ملز شهداد ڪوٽ، ايف ايف سي ميرپورماٿيلو، گئس ڪمپني ڏهرڪي، النور شگر مل شاهپور جهانيان، وغيره جو احوال اوريائين. ضياءَ جي دور ۾ رتيديري ۾ جلسي ۽ پوليس چڪرين جو به ذڪر ڪيائين.
ڪامريڊ عملي جدوجهد جي پنڌ جو راهي رهيو. هن پورهيتن جي سياست ڪندي پوئتي مڙي نه نهاريو ۽ نه ئي کين زندگيءَ جي آخر ۾ ڪو پڇتاءُ هو. هو پنهنجي عملي ۽ قلمي پورهيي مان مطمئن هو. هن کي معاشي غربت ۽ بيماري جو ڏک ڪمزور نه ڪري سگهيو.
ڪامريد هڪ وڏي حوصلي وارو ماڻهو هو. هن ڪامريڊ کي زماني جا ڏک ۽ سور ڊاهي نه سگهيا. هو پورهيت عوام جي نجات لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪندو رهيو. هو ڪٿي ٿڪو ٽُٽو نه. اها نظرياتي سنجيدگي سندس زندگي جو هڪ وڏي وٿ هئي.
هن جو ڪميونسٽ نظريي سان عقلي لڳاءُ هو. هن استحصال پسند پورهيت دشمن نظام کان نجات چاهي ٿي، جتي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي لٽ مار کان آجو هڪ برابري وارو نظام هجي، جتي ڪير به ڪنهن جو غلام نه هجي ۽ ماڻهو آزادي سان باوقار زندگي گذاري سگهي:
هي جي شهنشاھه ڏسو ٿا،
سڀ ئي انگ اگهاڙا آهن،
سڀ ئي پنهنجو رت پيئن ٿا،
سڀ پورهئي تي ڌاڙا آهن. ( اياز)
ڪامريڊ احمداڻي وٽ طرزِ زندگي انسان دوست ڪميونسٽ فڪر تي آڌاريل هئي. هو نه صرف روڊن رستن تي سراپا احتجاج هو، پر هو پورهيتن کي منظم ڪرڻ ۽ نظرياتي تعليم ڏيڻ جو به ڪم ڪندو رهيو. هن سماج ۾ هر حوالي سان مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ڪامريڊ مون کي ڪچهري ۾ ٻڌايو هو ته پاڻ ڪيئن پنهنجي آس پاس مذهبي ۽ فرقيواراڻي اشوز کي دانش ۽ حڪمت سان حل ڪيو هو.
ڪامريڊ قومي ۽ طبقاتي سوال تي واضح ترقي پسند ۽ روشن خيال ڪامريڊ هو. سندس ڪتاب “قومي ڦرلٽ: هڪ مارڪسي نقطه نظر” بهترين ڪتاب آهي. اهو ڪتاب سندس قومي سوال تي واضح ايپروچ جو دليل آهي.ڪامريڊ جي لکڻ ۾ هڪ وڏي سگھه ۽ جرئت هئي.
ڪامريڊ محمد خان احمداڻي، جنهن وٽ معصوم دل ۽ بي لوث سچائي هئي. هو، جيڪو پورهيت طبقي لاءِ ساري حياتي مشعل جدوجهد رهيو. سوويت يونين جي انهدام سان جتي مايوسي هئي، اتي ڪامريڊ سياست ڪندو رهيو ۽ اتساھه پيدا ڪندو رهيو. هن جي اک جدلياتي هئي. هن ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي عمل کي سائنسي نظر سان ڏٺو پئي.
سنڌي ڪلاسيڪل نڪسلائيٽ ڪامريڊ انقلابي جذبي سان سياست ڪندو رهيو. اختلاف ۽ اعتراض منهن تي ڪري وٺندو هو. پنهنجي نقطه نظر کي سامهون رکڻ سندس خاص خاصيت هئي.
محمد خان جي زندگي جا سڀ پل ۽ پهر جدوجهد ڪندي گذريا. ڪڏهن به مايوس، اداس ۽ ڪاهل ٿي نه ويٺو. هو زندگي جي آخري گهڙين ۾ به خلفشارن جو شڪار ٿي رجعتي نه ٿيو.
ڪامريڊ محمد خان پهرين جنوري 1949ع ۾ ڄائو ۽ ٽيويھه مئي 2019ع ۾ گذاري ويو. ڪامريڊ محمد خان جي زندگي جي ڪل پونجي پورهيت فڪر ۽ جدوجهد آهي. هي شايد سنڌ جي ٿورن ڪامريڊن مان آهي جيڪي پورهيت رهيا ۽ پورهيتن لاءِ پورهيو ڪندي گذاري ويا، سرمائيدار نه ٿيا!
هن کاهوڙي ڪامريد چيو: ”سچا ڪامريڊ اهي آهن، جيڪي رڳو اسٽيجن تي نه ڳالهائيندا آهن، پر عملي جدوجهد جي روپ ۾ مزدورن ۽ هارين جي وچ ۾ هوندا آهن.“ هن جي حياتي جي آخري ڪلپنا هئي ته جيون پڄاڻان به هي پورهيت دوست طبقاتي جدوجهد جاري رهي:
مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سُرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب. (اياز)