سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف مظاهرا

0
368

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي کانپوءِ قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف مظاهرا، ڏهرڪي کان ميرپور ماٿيلو تائين قومپرست پارٽيز جي پيادل مارچ ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ، سانگهڙ، سانگهڙ، قمبر، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ قومپرستن سوڌو مختلف پارٽيز جا مظاهرا، سنڌي وسندين تي قبضي، قومپرست قيادت جي گرفتارين توڙي ڪيسز خلاف نعريبازي، مارچ کي خطاب ۾ اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، زمين ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ آواز اٿارڻ تي ڌرتي ڌڻين خلاف ڪوڙا ڪيسز داخل ٿي رهيا آهن، ڌرتي ڌڻي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي، قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.