ڪورونا جي ٽيسٽ ۽ وئڪسينيشن دوران شهرين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري

0
203

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا جي ٽيسٽ ۽ وئڪسينيشن دوران شهرين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري، شهري جو نالو، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گهر جي ماڻهن ۽ رهائشي پتو شمال، نجي نوعيت جي حساس ڊيٽا ڪيتري محفوظ آهي؟، سنڌ ۾ اُن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو ٻين وزيرن جي تڪراري بيانن معاملو ڳنڀير بڻائي ڇڏيو، مراد علي شاهه چيو ته اِها سينٽرل ڊيٽا آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي ڳالهه ناهي، هُنن هڪ سسٽم ٺاهيو ۽ اُن تحت ڪم ڪريون پيا، عذرا فضل پيچوهو چيو ته ڊيٽا جو تحفظ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، اسان هتي رڳو ڊيٽا اپلوڊ ڪري ڇڏيندا آهيون، شهرين جو چوڻ آهي ته هر جاءِ تي پرائيويسي لازمي آهي، هڪڙي ڊيٽا مريضن جي اسپتالن تائين رهندي آهي، هي روڳ شيئر ڪندا آهن ته مريض جي عمر ڪيتري آهي؟.