بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جِي ڦهلاءُ جِي شرح ۾ ٻيهر واڌ

0
370
ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان ۾ڪورونا وائرس جِي ڦهلاءُ جِي شرح ۾ ٻيهر واڌ، 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جِي شرح ساڍا 9 سيڪڙو رهي، 2 ڏينهن اڳ اِها شرح 5 سيڪڙو تائين هئي، پنجاب ۾ شرح گهٽ ترين سطح تي برقرار، حڪومت ڪورونا وئڪيسين جي 5 مختلف تجربن جِي اجازت اخلاقي بُنيادن تي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نيشنل بائيو ايٿڪس ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پنهنجي شهرن کي تجربن جي ور چاڙهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، تجربن دوران پلازمه لڳڻ سبب شهرين کي انفيڪشن ٿيڻ ۽ موت جو خدشو آهي، تجربن ۾ رُڌل ڪمپنيز ۽ ادارن کي انساني جانين سان کيڏڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.