بلوچستان اسيمبلي آڏو هنگامي کانپوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڇڪتاڻ برقرار

0
180

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان اسيمبلي آڏو هنگامي کانپوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڇڪتاڻ برقرار: اپوزيشن پارٽيز جا 14 ميمبرز ستين ڏينهن به ڪوئيٽا جي بجلي روڊ ٿاڻي تي موجود، پوليس کين گرفتار نه ڪيو، صوبائي گهرو وزير طرفان اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪيس واپس وٺڻ جي خاطري، ميمبرز طرفان ڪيس ختم ٿيڻ تائين ٿاڻي تان واپس وڃڻ کان انڪار، بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته چئن مهينن کان سمورن کاتن سان گڏجي بجيٽ جي تياري ڪري رهيا هئاسين، بجيٽ تجويزون هڪ ڪتاب جي صورت ۾ بجيٽ جي ڏينهن ئي پيش ڪيون وينديون آهن، اُن کان اڳ ڄام ڪمال چيو هو ته بلوچستان جي بجيٽ ڪابينا ناهي ڏٺي، اپوزيشن کي ڪهڙا تفصيل ڏيون ؟.