نوابشاھ/مٽياري/ڄام صاحب/دوڙ (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام سنڌ جي وجود بچائڻ جو پيغام کڻي سياسي جدوجهد جو ميدان سينگارڻ لاءِ مٽياري، ڀٽ شاهه، پراڻا هالا، نوان ھالا پهتو. جسقم چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سڀني جي امڙ آهي سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، هن چيو ته بحريان ٽائون کي سڀ کان پهرين جسقم سنڌ دشمن قرار ڏنو هو، بحريان ٽائون جي مالڪ کي پيپلزپارٽي ۽ زرداري جي پٺڀرائي حاصل آهي، جنهن سبب سرڪاري مشينري سان ڪاٺوڙ، گڏاپ سميت ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن تي ڪاهه ڪري مسلسل حملا ڪري ڳوٺاڻن کي ڊيڄاري ڌمڪائي هيسائي زبردستي کين ابن ڏاڏن جي زمين ۽ ڳوٺن مان لڏايو پيو وڃي، ڪوهستان جي قديمي قبرستانن مٿان بحريا منصوبي لاءِ بلڊوزر هلائي ڪوهستان واسين جي وڏڙن جا هڏا لتاڙيا پيا وڃن، جنهن تي ملير ۽ ڪوهستان جا چونڊيل نمائندا به خاموش آهن، پر جسقم پنهنجي ماروئڙن سان گڏ آهي، بحريان ٽائون جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪرڻ طرف وڃي رھيا آھيون، ملڪ رياض جي بربريت جو شڪار ماڻهو پنهنجا ڳوٺ بچائڻ لاءِ سياسي جدوجهد لاءِ تياري وٺن، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان نوابشاهه ضلعي جي دوري تي سڪرنڊ مان ٿيندو ڄام صاحب شهر پهتو جتي سوين ماڻهن سندس گلن جي ورکا ڪري ڀرپور استقبال ڪيو، سوين ماڻهن جي ريلي ۾ ڄام صاحب شهر ۾ داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جو وجود بچائڻ نڪتا آهيون، بحريان ٽائون سميت مختلف اسڪيمن ذريعي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو، تنهن ڪري سجاڳ ٿي پنهنجي تاريخي وطن کي بچائڻو پوندو، رات جو دير سان جسقم چيئرمين صنعان خان مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر، ديدار شام سان گڏ دوڙ ۽ ٻانڌي پهتو، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بابا بشير، شهيد مقصود قريشي، شهيد سلمان وڌو، شهيد مير مرتضي ڀٽو، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر پيپلزپارٽي هنن شهيدن سان انصاف نه ڪري سگهي آهي، جنهن جو ڪيس سنڌي ماڻهن جي عدالت ۾ آهي جنهن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، جڏهن ته جسقم چيئرمين مختلف ماڻهن سان سندن عزيزن جي وفات تي ساڻن تعزيت پڻ ڪئي.