سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

0
222
اسپيڪر جي رولنگ خلاف مذمتي ٺهراءُ
سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

سنڌ اسيمبليءَ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي واري رٿ واري قرار داد منظور ڪري ورتي

ايوان ۾ ٺهراءُ پ پ جي ندا کھڙو ۽ ايم ڪيو ايم جي سنجي پرواني پيش ڪيو

قرارداد جي متن موجب ڊپٽي اسپيڪر جي غير آئيني رولنگ ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو

ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ سخت نعريبازي ڪئي ۽ احتجاج ڪيو، اسپيڪر آغا سراج دراني مخالف ڌر اڳواڻ جو مائيڪ بند ڪري ڇڏيو

پيپلز پارٽي جا ميمبر به سيٽن تي اٿي بيٺا ۽ عمران خان خلاف نعرا هنيا

سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر گوڙ سبب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي پرڏيهي سازش قرار ڏيندي اپوزيشن جي ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو هو

ھي به پڙھندا

پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس