پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

0
235
پنجاب اسيمبلي جي صورتحال
پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون، سڀاڻي فيصلو ڪنداسين تھ پنجاب اسيمبلي جو معاملو ٻڌون يا لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو

اڄ ٻڌڻي جي آخر ۾ ن ​​ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي جا دروازا نه کوليا پيا وڃن. دل ڏکي رھيو آھي پنجاب صوبو 6 ڏينهن کان وڏي وزير کانسواءِ هلي رهيو آهي. حڪومت وٽ اڪثريت ناهي ان ڪري چونڊون نه پيون ڪرايون وڃن

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون. پنجاب اسيمبليءَ جو معاملو ننڍو ناھي جو مختصر حڪم نامو پاس ڪرڻ شروع ڪري ڏيون

پنجاب جو نئون

 چيف جسٽس چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پهريان قومي اسيمبلي جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ چاھيون ٿا، قومي اسيمبلي جي ميمبرن هر قسم جي حالتن جي باوجود انتهائي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو، قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سٺي رويي کي ساراهيون ٿا، سڀاڻي فيصلو ڪنداسين. پنجاب اسيمبلي ڪيس ٻڌون يا لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيون

وڪيل سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جو چوڻ ھو ته اسيمبلي ۾ڀڃ ڊاھھ ٿي آھي ان ڪري اجلاس 16 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر اڄ صبح کان غائب آهي، ساڻس رابطو ناهي ٿي رهيو، اڄ شام جي اجلاس جو نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن نظام تعاون نه ڪري ته آئيني ادارا پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهن ٿا. ڊپٽي اسپيڪر چاهي ته باغ جناح ۾ اجلاس گهرائي سگهي ٿو

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پنجاب اسيمبلي بابت ڪو به حڪم جلدي ۾ جاري نٿو ڪري سگهجي، پنجاب ۾ آئيڊيل حالتون آھن تھ عوام سان رجوع ڪيو وڃي

آرٽيڪل 69 پنھنجي جاءِ تي پر جيڪو ٿيو ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي: سپريم ڪورٽ

اسپيڪر پرويز الاهي دوست محمد مزاري جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا

پي ٽي آءِ پنهنجي ئي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي