مريم نواز پاران حمزا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب اسيمبلي وڃڻ جو اعلان

0
292
مريم نواز پاران حمزا سان يڪجهتي
مريم نواز پاران حمزا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب اسيمبلي وڃڻ جو اعلان

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنهنجي سئوٽ حمزا شهباز سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

متحده اپوزيشن طرفان حمزه شهباز پنجاب جي وڏي وزارت جو اميدوار آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان پرويز الاهي اميدوار آهي

ڪالهه اڱاري ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي دوست محمد مزاري پهريون اجلاس 6 اپريل تي طلب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ رات دير سان اجلاس جي تاريخ 6 اپريل ڪئي وئي

پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته اجلاس 16 اپريل تي ئي ٿيندو. ٻئي طرف بحران جي صورتحال ۾ مريم نواز حمزا شهباز سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي

 

مريم نواز چيو ته حمزا شهباز کي پنجاب اسيمبلي ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ حمزا شهباز سان گڏ بيهڻ لاءِ ويندس

ان حوالي سان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مريم نواز وڏي وزير جي اميدوار حمزه شهباز سان گڏ اڄ شام 7 وڳي هوٽل پهچندي

هن چيو ته مريم نواز حمزا شهباز سان گڏ پوءِ ٻئي هوٽل ۾ ويندي جتي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو

هن چيو ته مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار حمزه شهباز ۽ سندس حمايتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي

ھي به پڙھندا

پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس