سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو اٺون ميل اسٽاپ وٽ سوزوڪي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، سوزوڪي جو ڊرائيور اڏيرو لال اسٽيشن جو رهواسي آصف ولد غلام حيدر خشڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طبي امداد لاءِ تعلقي سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو ويو، حادثي سبب سوزوڪي جو اڳيون حصو ڊيميج ٿي پيو جنهن سبب ڊرائيور آصف خشڪ جي ٽنگون ڦاسي پيون جنهن کي مقامي ماڻھن ۽ سنجهورو پوليس جي مدد سان تعلقي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.