اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي خصوصي معاون حافظ مولانا طاهر اشرفي چيو آهي ته سعودي عرب ڪڏهن به پاڪستان کي اسرائيل کي بطور رياست تسليم ڪرڻ لاءِ نه چيو آهي، مسجد اقصيٰ اسان مسلمانن جي هئي ۽ رهندي، فلسطين جو مسئلو پوري مسلم امت جو مسئلو آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ سمورن اسلامي ملڪن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، ڪالهه اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب دوري کان پوءِ واپسي تي پنهنجي سرڪاري آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان کي سمورن ملڪن فلسطين جي مامرن تي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم سعودي دوري دوران او آءِ سي ۽ مفتين سان ملاقات ڪئي، عيد کان پوءِ فلسطين واري مامري تي وڌيڪ رابطا تيز ڪنداسين، 14مئي تي سڄي ملڪ ۾ يوم فلسطين ملهايو ويندو، هن چيو ته شاهه سلمان پاران سڄي دنيا ۾ رفاهي ڪم ڪيو ويندو آهي، جنهن تحت پيڪيج ملڻ ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي؟