سرڪاري اسپتالن ڏانهن ڌيان ڪير ڏيندو!؟

0
226
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي ماتحت سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جون دانهون عوام هر دور ۾ ڪندو رهندو آهي، نتيجي ۾ اسپتالون اپگريڊ ڪرڻ سميت بجيٽس ۾ ته اضافو ٿيندو آهي پر اهي شڪايتون جيئن جو تيئن موجود هجن ٿيون، جن طرف حڪومت توڙي لاڳاپيل انتظاميا ڪو خاص ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن صحت جي سهولتن متعلق وڏي وزير توڙي صوبائي وزيرن کان پڇيو ويندو آهي ته اهي هميشه سهولتون بهتر هجڻ وارا ئي بيان ڏيندي ناهن ٿڪبا. هاڻي پاڻ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ واري معامرن جي نشاندهي طرف هلون ٿا. سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ ڳري پگهار عيوض ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو مقرر ڪري ٿي، جن مان ڪافي اهڙا ڊاڪٽر هوندا آهن جيڪي سياسي اثر رسوخ هجڻ يا وري ڪرپشن جي بازار گرم هجڻ جو فائدو وٺندي ڊيوٽيون ڪرڻ بنا پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن، ٻيا ڊاڪٽر اهڙا آهن جن کي سنڌ سرڪار کين پگهار ته مڪمل ڊيوٽي ڪرڻ جي ڏي ٿي پر اهي هڪ اڌ رائونڊ هڻي يا ڪجهه ڪلاڪ او پي ڊي ۾ ويهي کسڪي وڃن ٿا. هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪجي ته سرڪاري اسپتالن ۾ مختلف طريقن سان مريضن کي انهن ئي سرڪاري ڊاڪٽرن جي قائم نجي اسپتالن يا ڪلينڪس تي وڃڻ جو مشورو ڏيندي چوندا آهن ته سرڪاري اسپتالن جي ته توهان کي خبر آهي جيڪڏهن ڪو غريب هجي ٿو جنهن ۾ نجي اسپتالن جون فيون ڀرڻ جي سگهه ناهي هوندي اهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ عملي جو اڍنگو رويو، دڙڪا برداشت ڪندا رهندا آهن. هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر سنڌ حڪومت سرڪاري ڊيوٽي پورو وقت نه ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڇو نٿي ڪري؟ صبح جو 9 وڳي کان پوءِ جيڪي ڊيوٽي ڊاڪٽر ايندا آهن اهي منجهند تائين غائب ٿي ويندا آهن، ڪاغذي ڪارروائي ۾ ته شفٽ وائيز ڊاڪٽرن جون بلڪل حاضريون لڳل ڏيکاريون وينديون آهن پر انهن مان اڪثر ڪجهه ڪلاڪ ڊيوٽيون ڪرڻ کانپوءِ پرائيويٽ اسپتالن توڙي ڪلينڪس جي مالڪي، ڳڻ ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن. ڊيوٽي ٽائيمنگ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ اڪثر ڊاڪٽر غائب هجڻ جون شڪايتون عام آهن پر مجال آهي جو اهي ئي سرڪاري ڊاڪٽر پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪس جي ڏنل ٽائيم تي نه هجن. پرائيويٽ ڪلينڪس تي ڊيوٽيون باقائدا ايمانداريءَ سان ادا ڪندا آهن، رات جو دير سان يا وري صبح جو سوير ايندڙ مريض اڪثر ڊاڪٽر نه هجڻ جون شڪايتون ڪندي نظر اچن ٿا. مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ ڪوتاهين سبب مريضن جي فوت ٿيڻ تي احتجاج، ڀڄ ڊاهه وارا منظر به ڪنهن کان ڳجها ناهن. هي ته سرڪاري اسپتال جي عملي جي ڳالهه هئي هاڻي ڪجهه ڳالهيون اسپتالن جي صورتحال تي ڪجن. هونئن ته سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال هوندي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه جي بهتر به هجي پر پاڻ هتي سنڌ جي ٻن وڏن شهرن سکر ۽ خيرپور جي ٻن وڏين اسپتالن جي صورتحال جو ذڪر ٿا ڪريون، ٻنهي اسپتالن تي اربين روپين جو خرچ ٿي چڪو هوندو، اسپتالن ايم ايس آفيس توڙي وڏن آفيسرن جي آفيسن ۾ ته ايئرڪنڊيشنڊ هلندڙ هوندا آهن، اهڙي طرح آفيسن ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال به بهتر هوندي آهي پر مختلف شعبن جي وارڊن ۾ لڳل ايئرڪنڊيشنڊ انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌياني سبب بند هوندا آهن. ايتري حد تائين جو پکا به خراب هوندا آهن پر اهي درست ڪرائڻ جي کين زحمت ناهي ٿيندي، جيڪڏهن صاحب جي هڪ ڏينهن اي سي خراب هوندي آهي ته عملي ۾ ٿرٿلو هوندو آهي وارڊن ۾ ورهين کان اي سيون خراب پيون آهن پر ڪنهن جي ڪنن تي جونءَ به نٿي چري. ايئرڪنڊيشنڊ نه هلڻ جون ظاهر آهي کين شڪايتون مليون هونديون ۽ کين چڱي ريت ڄاڻ به هوندي پر خبر ناهي ڇو ان اهم معامري کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، شديدگرميءَ ۾ اي سيون بند، ڪجهه پکن جا به حال پورا، وري لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر جو استعمال وقت تي نه ٿيڻ سبب مريض ته عذاب ڀوڳين ٿا پر انهن سان ايندڙ عزيز به بيمار ٿي پون ٿا. وارڊن جي واش رومز جي صورتحال تمام گهڻي خراب هوندي آهي، وڏي تعداد ۾ سينيٽري ورڪر ڀرتي ٿيل هجڻ باوجود واش روم جي صفائي واري صورتحال خراب ۽ اسپتال ۾ بدبوءِ هجڻ سبب لڳي ٿو اڪثر اسپتالن ۾ ڀرتي ٿيل سينيٽري ورڪر يا ته وائيٽ ڪالر ڀرتي ٿيل آهن يا وري بااثر سياسي هائوسن توڙي ڊاڪٽرن جي ڊيوٽين ۾ مصروف هوندا آهن. اسپتال جي وارڊن جي وزٽ تي ايندڙ ڊاڪٽر ڪڏهن به ڪجهه منٽن کان وڌيڪ وارڊن ۾ ناهن بيهي سگهندا فوري هدايتون جاري ڪندا آهن. منهنجي خيال ۾ ڪڏهن به ڊاڪٽرن توڙي آفيسرن طرفان وارڊن ۾ موجود باٿ رومز استعمال نه ڪيو هوندو، جيڪڏهن استعمال ڪن ها ته اهڙي صورتحال نه هجي ها. خير صفائي سٿرائي سان گڏ وارڊن ۾ موجود اڪثر عملي جو مريضن يا انهن جي وارثن سان رويو انتهائي افسوسناڪ هوندو آهي. ميل توڙي فيميل نرسز وارڊ ۾ ٻين کي ته ڳالهائڻ کان منع ڪندا آهن پر پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موبائيل تي يا وري ٽولي جي شڪل ۾ ويهي ڪچهرين ۾ گذاريندا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي مد ۾ هڪ وڏي بجيٽ هوندي آهي پر ان باوجود اڪثر مريض دوائون نه ملڻ ۽ پرائيوٽ اسٽورن تان خريد ڪرڻ لاءِ لکي ڏيڻ جون شڪايتون ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو شڪايتون ڪندڙ غلط هجن پر سول اسپتالن ٻاهران وڏي تعداد ۾ موجود ميڊيڪل اسٽورز ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته مڪمل دوائون سرڪاري اسپتالن مان نٿيون ملن. ڪجهه سستيون دوائون ملنديون هونديون ته اڪثر مهانگيون دوائون غائب هونديون. ٿي سگهي ٿو خانا پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه مريضن کي مڪمل دوائون به ملنديون هجن ان کان به آئون انڪاري ناهيان پر دوائن جي چوري وڏي پئماني تي جاري آهي. تازو ئي خيرپور جي هڪ نجي ميڊيڪل اسٽور جي گودام تان پوليس ڪارروائي ڪري لکين روپين جي ماليت جون سرڪاري دوائون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. اهڙي طرح ايم ايس سکر ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي به دوائون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو هو. مطلب ته سرڪاري اسپتالن ۾ سرڪاري دوائون چوري ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. سول اسپتالن ۾ عوام جو وڏو انگ علاج لاءِ پهچي ٿو پر رورل هيلٿ، بيسڪ هيلٿ سينٽرز تي ته صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب ٻڌائي پئي وڃي. خيرپور، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي،شڪارپور توڙي ٻين ضلعن جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ عوام کي شهرن ۾ قائم مک اسپتالن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اسپتال ۾ بنيادي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، ڳريون پگهارون کڻندڙ ڊاڪٽرن کي ڊيوٽين جو پابند بڻايو وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڊيوٽيون ڪرڻ کان روڪيو وڃي.