سردار نٿا چاهين ته ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي، دير وارا حربا استعمال پيا ڪن: ام رباب چانڊيو

0
233

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ميهڙ واقعي جي جوادارن جي پٽيشنز تي ٻڌڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ميهڙ واقعي ۾ نامزد سردار چانڊيو ۽ ڀاءُ برهان چانڊيو جي داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي

 ٻڌڻيءَ دوران ام رباب چانڊيو،  وڪيل صلاح الدين پنهور، جوابدارن  جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا، پٽيشنز جي تعداد ۾ اضافي  سبب عدالت ٻڌڻي 8 مئي  تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ام رباب چانڊيو ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بابت ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي اسان جو ڪيس  ٽرانسفر ٿيو، بدقسمتيءَ سان اڄ ڪيس  ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي

جوابدارن جون 4 کان 5 پٽيشنز   گڏ هيون، هڪ ئي ڏينهن سڀ پٽيشنز  ٻڌي نٿيون ٻڌي سگھجن، ڪورٽن تي ڪيسن جو بار به  هوندو آهي پر هي سڀ دير ڪرڻ  جا حربا آهن

هلندڙ ٽرائل ۾بزدل سردار ھاءِ ڪورٽ ۾ قسم نامون ڏئي آيا آهن ته اسين وڃي ٽرائل هلائينداسين، پٽيشنز گڏ ڪرائڻ ڪورٽ ۽ اسان  جو وقت زيان ڪرڻ آهي، 6 سالن کان هنن جي اها ئي پريڪٽس رهي  آهي

سردار نٿا چاهين ته ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي، دير وارا حربا استعمال پيا ڪن، اڄ هاءِ ڪورٽ الڳ الڳ تاريخون  رکيون، اسان عدالت کي گذارش ڪئي  ته ڪيس هلائي فيصلو ڏيو

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته اسان جو الله ۽ ڪورٽن تي يقين ۽  ان تي پراميد آهيون ته انصاف  ضرور ٿيندو، اڄ 8 تاريخ ملي آهي، اميد ته اڳڀرائي ۽ جلد فيصلو ٿيندو، عدالتون مظلومن  سان گڏ آهن

هي به پڙهندا

سردارن کي شڪست ملڻ واري آهي، مظلومن سان انصاف ٿيڻ کپي: ام رباب