اسٽيٽ بينڪ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سڌا فنڊ جاري ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

0
193

اسٽيٽ بينڪ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سڌا فنڊ جاري ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سڌا فنڊ جاري ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي

اسٽيٽ بينڪ جي وقتي گورنر سيما ڪامل چيو آهي ته عدالتي حڪم تي فنڊز رکيا ويا آهن پر اهي جاري نه ٿا ڪري سگهون

 قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيما ڪامل چيو ته عدالتي حڪم تي رکي پئسا اڪائونٽ ۾ موجود رهندا، اسان کي اهي پئسا جاري ڪرڻ جا اختيار نه آهن

 سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اڄ تائين 21 ارب روپين جا سڌا فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

 قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم جو جائزو ورتو ويو

 ڪميٽي جي ميمبر برجيس طاهر چيو ته سپريم ڪورٽ هاڻي آرٽيڪل 84 ۾ به پنهنجي مرضيءَ جي ترميم ڪري، اسٽيٽ بينڪ جو اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، رڳو پنجاب ۾ چونڊون ٿيون ته ان سان ننڍن صوبن جو استحصال ٿيندو

 قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته صوبائي چونڊن تي ٻيهر خرچ ملڪي مفاد ۾ نه آهن

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ پاران اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم