سردارن کي شڪست ملڻ واري آهي، مظلومن سان انصاف ٿيڻ کپي: ام رباب

0
253

دادو جي عدالت ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي پرويز چانڊيو جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي

عدالت فريادي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ام رباب چانڊيو، ايم پي اي سردار چانڊيو،  برهان چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته 6 سالن کانپوءِ فريادي جو بيان رڪارڊ ٿيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، سردارن ۽ جاگيردارن جا حوصلا ٻڌائين پيا ته هنن جي شڪست ويجهو اچي چڪي آهي، اميد آهي ته فيصلو مظلومن جي حق ۾ ايندو