سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ملازمن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر ھائوس سجاول اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي ملازمن يوسف مسيح، خدابخش ڪونجڙو، جارج مسيح، نادرمسيح، پطرس مسيح، الله ڏتو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪجھه مهينن کان   12 هزار رپيا پگهار بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهيون،  جڏهن ته  سخت گرمي ۾ ڪيل احتجاج ۾ عورت ملازم سميت 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. ٻئي پاسي  پوليس ڌرڻي واري هنڌ  پھچي  ملازمن جو زوري احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي پوليس ۽ مظاھرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ ملازمن روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته  ڊي سي  ۽ ٽائون آفيسر اسان وٽ اچن ۽ اسان سان ڳالھيون ڪن، جنھن بعد روڊ کوليو ويندو،  احتجاج ۾ جمعيت علماءِ اسلام سجاول جا اڳواڻ مفتي نذير احمد عمراڻي، مولوي اشرف ميمڻ، پيپلز پارٽي اڳواڻ حاجي محسن سنڌي پڻ پھچي ساڻن يڪجهتي جو اظھار ڪيو.