جوهي ( ن پ ا) ٻوڏ واري صورتحال بعد  جوهي تعلقي ۾ مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي،  مليريا، گيسٽرو,،خارش ۾ سوين معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد مبتلا ٿي ويا آهن،   تعلقي اسپتال سميت خانگي ميڊيڪل اسٽور تان دوائون اڻلڀ آھن.ٻي طرف  بجلي جي بندش خلاف جوهي واسين ٻي ڏينهن به سيپڪو انتظاميا خلاف ڊاڪٽر منظور چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  شھرين قربان کوکر، خليل عارف سومرو،هاشم کوسو، غلام قادر لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻن ڏينهن کان بجلي بند آهي، هنن چيو ته  شھر ۾ بجلي جي بندش سبب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي.