اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪڻڪ معاملي تي چانهه جي پيالي ۾ طوفان آندو ويو آهي، هن معاملي ۾ نه جهول آهي، نه بحران ۽ نه ئي ڪرپشن آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪڻڪ امپورٽ بابت جاچ ڪميٽي گهرايو ته پيش ٿيندس، هُنن ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ نئون قانون منظور نه ڪيو هو، سرڪاري خزاني مان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ کان روڪيو هو، انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته نگران سرڪار پاران سرڪار بدران نجي شعبي وسيلي ڪڻڪ گهرائڻ جي هدايت ڪئي، نجي شعبي ۾ ٻولي لڳائڻ حڪومت جو ڪم ناهي، هن چيو ته 400 ارب روپين جي ڪڻڪ گهرائڻ واري ڳالهه انسپيڪٽر جمشيد جي ڪهاڻي وانگر آهي، اي سي سي ڪاٿو لڳايو هو ته 3 کان 4 ملين ڪڻڪ جي ضرورت آهي، اڳوڻي نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ امپورٽ جو ايس آر او پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جاري ڪيو هو، ايس آر او ۾ چيو ويو ته نجي شعبي کي ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت آهي، 60 ڪمپنين ڪڻڪ درآمد ڪئي.