حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظام هيٺ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ هلندڙ ٽيسٽ دوران سائنس جو پيپر ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته پبلڪ سروس ڪميشن جي ترجمان اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي پڻ پيپر آئوٽ ٿيڻ جي حوالي سان وڏو بحث ڇڙيل آهي. چيو پيو وڃي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ هلندڙ امتحان دوران سائنس ڪيٽيگري جو پيپر ڳجهي نموني سان ليڪ ٿي ويو. اهڙو سواليه پيپر رَلي تي رکي حل ڪرڻ وارو فوٽو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو جنهن تي نه رڳو اميدوارن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي پر اميدوارن ميرٽ جي شفافيت تي سوال به اٿاري ڇڏيا آهن. سوشل ميڊيا تي اميدوارن سميت مختلف ماڻهن اهي سوال اٿاريا آهن ته صبح جو ورتل پيپر سينٽر کان ٻاهر رَلي تي رکي حل ڪرڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي ڪيئن وائرل ٿي آهي. ماڻهن خيال ظاهر ڪيو آهي ته مبينا طور رقم عيوض اهو پيپر ڪنهن کي ليڪ ڪري جاري ڪيو ويو هوندو جنهن ان پيپر کي رَلي تي رکي ان جي تصوير اپلوڊ ڪئي هوندي يا ڪو شخص ڪنهن خانگي جڳهه تي ويهي پيپر حل ڪري رهيو هوندو ته ان جي تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي وئي هوندي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪميشن جي امتحان جي اميدوارن ۽ صارفين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا تي ڇتي تنقيد به ڪئي آهي. هڪ صارف وائرل ٿيل پيپر پنهنجي پوسٽ تي رکي سوال اٿاريو آهي ته ڇا امتحاني سينٽرن ۾ رَليون به وڇايون ويون آهن؟ هڪ ٻئي صارف سوال پڇيو آهي ته پيپر سان گڏ نظر ايندڙ رَلي ڪنهن ٽيسٽ سينٽر تي وڇايل آهي يا ڪنهن پئسي واري جي اوطاق يا گهر ۾ وڇايل آهي؟ واضح رهي ته فيبروري مهيني ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ سبب ٽيسٽ ملتوي ٿي وئي هئي. هاڻي مبينا طور ٻيهر به پيپر ليڪ ٿيڻ تي اميدوارن ۾ مايوسي جي لهر پکڙيل آهي. ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز گريڊ 16هين جي ڀرتين لاءِ امتحان جاري آهن. امتحان ۾ لڳ ڀڳ 25 هزار اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. پهريون پيپر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عناصر پيپر جون تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون جنهن سان پيپر ليڪ ٿيڻ جو تاثر ڏئي اداري جي ساڪ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته اهڙيون سڀ ڳاليهون بي بنياد آهن، جلد اهڙن ڪردار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين وائکو ڪيو ويندو. ترجمان مطابق ايس ايس ٽي جا امتحان 7 مئي تائين جاري رهندا جڏهن ته 8 مئي تي ليڪچرارن جو امتحان ورتو ويندو.