ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ امن برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهر اڳ ئي خونريزي جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪو آهي. اسان جي شهرين، سياسي ڪارڪنن، پوليس، رينجرز ۽ فوج جي جوانن ڪراچي کي پرامن بڻائڻ  لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، انهي ڪري شهر جو امن اسان لاءِ تمام ضروري آهي. ڪالهه   لياري جي ڪڪري گرائونڊ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جاويد ناگوري جي ننڍي ڀاءُ شهيد اڪبر ناگوري جي ورسي جي موقعي تي ٿيل تعزيتي پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ حڪومت اڳ به شهر ۾ امن بحال ڪرايو هو، هاڻ به  اسٽريٽ ڪرائيم جي چيلنج کي موثر نموني سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته مئي 2015ع ۾ اسان جي جيالي اڪبر ناگوري کي دھشت گردن شهيد ڪري ڇڏيو. وڏي وزير چيو تھ لياري جو عوام محب وطن ۽ سياسي شعور رکندڙ آهي، هنن جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ قربانيون ڏنيون، هن چيو ته بلاول ڀٽو ھدايت ڪئي آھي ته لياري جي عوام کي صحت، تعليم، پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسان لياري ۾ روڊ  تعمير ڪرايا آهن، هتي صحت ۽ تعليم جون سهولتون بهتر ڪيون ويون آهن، ڪڪري گرائونڊ ۾ راندين کي فروغ ڏنو ويو آهي، هن  لياري جي عوام تي زور ڀريو ته اهي ٻارن کي سٺي تعليم فراهم ڪن ته جيئن اهي پاڪ آرمي، نيوي، پوليس ۽ ٻين باوقار قومي ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن،  تقريب کي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، ايم اين ايز نبيل گبول ۽ قادر پٽيل، سينيٽر مسرور احسن، ايم پي اي آصف خان ۽ ٻين خطاب ڪيو