سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي جي اختيارين فرانسيسي ماهرن کي به نه بخشيو، اختيارين چانهون جي دڙي تي آيل فرانسيسي آرڪيالاجي ماهرن جي نالي تي يونيورسٽي مان لکين رپين جا ڪوڙا بل ٺاھي چيڪ پاس ڪرائي ڇڏيا. فرانسيسي ايمبيسي ڪوڙي چيڪ ۽ جعلي ٽڪيٽن جي جاچ لاءِ صوبائي وزير عذرا پيچوهو کي ليٽر لکي ڇڏيو. خط ۾ ڊيوڊ ڪاسٽليو ۽ مسٽر پاسڪل ڄاڻايو ته اسان پنهنجي فرانسيسي حڪومت جي خرچ تي تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي جي کوٽائي لاءِ آيل هئاسين، جتي اسان کي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وٽرنري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر دعوت ڏني، جنهن ۾ اسان صرف شرڪت ڪئي بعد ۾ خبر پئي ته اسان جي نالي تي وائيس چانسلر  جعلي ٽڪيٽن جا ڪوڙا  بل پاس ڪرايا آهن، جنهن جي اسان کي ڪا به خبر نه آهي، هر سال اسان فرانسيسي حڪومت جي خرچ تي تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي تي کوٽائي لاءِ ايندا آهيون ۽ پنهنجي گورنمينٽ جي خرچ تي واپس ويندا آهيون. پاڪستاني حڪومت پاران اسان کي رهائش ۽ سيڪورٽي جا انتظام ملندا آهن.  خط ۾ چيو ويو آهي ته جنهن ڏينهن تي ڪانفرنس جو شيڊيول ڏيکاريو ويو آهي ان کان اڳ ئي اسان شهيد بينظيرآباد ضلعي اندر موجود هئاسين. اسان نه ته جهازن جي ٽڪيٽن جي درخواست ڏني ۽ نه ئي وري اسان کي اهڙي ڪا رقم ملي آهي. اسان پنهنجي پرڏيهي وزارت جي خرچ تي هتي آيا هئاسين.

ڪرپشن سبب فرانس سان انٽرنشپ معاهدو خطري ۾ پئجي ويو

سڪرنڊ: وٽرنري يونيورسٽي جي انتظاميا جي مبينا ڪرپشن جي ڪري فرانس جي حڪومت سان انٽرنشپ جو معاهدو خطري ۾ پئجي ويو. فرانس معاهدي تي عمل کان اڳ هن ڪرپشن معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. فرانس جي سفارتخاني جي لکيل خط ۾ اهو به چيو ويو ته اسان وٽرنري يونيورسٽي سان شاگردن جي انٽرنشپ بابت معاهدو ڪيو هو پر اهڙي صورتحال ۾ اسان ان معاهدي کي اڳتي نه ٿا هلائي سگهون، جيستائين ان واقعي جي جاچ نه ٿي ڪئي وڃي. ذريعن موجب انٽرنشپ پروگرام شروع نه ٿيڻ سان سنڌ جي شاگردن جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.

 

سرمينٽو ڪاسٽيلو ۽ ڊاڪٽر پاسڪل جي نالي 7 لک 90 هزار خرچ

سڪرنڊ: فرانس جي سفارتخاني پاران اماڻيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته سرمينٽو ڪاسٽيلو ڊيوڊ ۽ ڊاڪٽر پاسڪل مونگني جي سي ڊي جي کان ڪراچي تائين رٽرن ٽڪيٽن لاءِ 3 لک 95 هزار رپيا في ٽڪيٽ جي حساب سان 7 لک 90 هزار رپيا جاري ڪيا ويا. اها رقم سمبارا ٽريولز اينڊ ٽوئرز جي نالي تي جاري ڪئي وئي جنهن جي آفيس بدر ڪمرشل ڪراچي ڊفيس فيز 5 ۾ واقع آهي. ان جو چيڪ 7 لک 50 هزار رپين جو سمبارا ٽريولز جي ايم سي بي جي اڪائونٽ ۾ 14 اپريل 2023 تي جمع ڪرايو ويو. جڏهن ته چيڪ نمبر 39657920 تي تاريخ 18 اپريل 2023 جي لکيل آهي.

 

وٽنري يونيورسٽي جي وي سي الزام رد ڪري ڇڏيا

سڪرنڊ: رابطو ڪرڻ تي وٽنري يونيورسٽي جي وي سي فاروق حسن متي چيو ته اھو الزام آهي، اھڙو ڪو به معاملو نه آهي، بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.