جاتي (ن پ ا) جاتي شهر ڀرسان مزدوري تان واپس موٽندڙ پورهيتن جي مزدا گاڏي مين پنڃاري ۾ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 2 پورهيت ظهير احمد بهلواڻي ۽ سليم ملاح گاڏي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڀرپاسي جي ماڻهن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو،  اسپتال ۾ زخمين ٻڌايو ته ٻئي فوتي نوجوان اڄ پهرين ڏينهن تي مزدوري تي آيل هئا. جڏهن زخمي هڪ پورهيت کمون ملاح جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس طبي امداد ڏيڻ بعد سجاول سول اسپتال نيو ويو.