سجاول (رپورٽر ) سجاول ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جو مک روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، سجاول ۾ مين ميرپور بٺورو روڊ تي پتڻ ناڪي وٽ ٽي مهينا اڳ ٺهيل گٽر نالو بند ٿيڻ سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گٽر نالي جو پاڻي مين روڊ تي جمع ٿيڻ ڪري روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، شهر جي مک ۽ مصروف ترين روڊ تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي بيهڻ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين وارا سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، شهرين نصيب الله حيدري، ڪفايت جان هوڙائي، نعمان ميمڻ ۽ ٻين شهرين جو چوڻ آهي تہ ڄاڻايل روڊ تي نيڪال جو سسٽم نہ هئڻ ڪري اڪثر عام ڏينهن ۽ برساتن سبب هتي پاڻي بيهيجي ويندو هو، جنهن تي شهرين جي سخت احتجاج بعد نيٺ انتظاميا پاران ڪجهہ مهينا اڳ روڊ ڀرسان گٽر نالو ٺهرايو ويو هو، پر پوء بہ هن روڊ جي قسمت  بدلجي نہ سگهي ۽ ڪجهہ مهينا اڳ ئي ٺهيل گٽر نالو گذريل ڪجهہ ڏينهن کان بند ٿي ويو آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ مين روڊ تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين وارن کي وڌيڪ پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.