نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن جو اجلاس نوشهروفيروز جي مقامي ھوٽل ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل پريل دايو، خاڪي جاني، نعيم ملڪ ۽ قادر جاگيراڻي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مرڪزي ڪائونسل جي اجلاس مان ورتل منظوري کي اڳڀرو ڪندي 26 نومبر تي ڇنڇر ڏينھن سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون حيدرآباد ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ اليڪشن ڪاميٽي لاءِ آغا ظفر کي چيئرمين، شفيع چانڊيو ۽ الطاف ملڪاڻي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو، ووٽر لسٽ سميت سمورو رڪارڊ اجلاس بعد اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين حوالي ڪيو ويو، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کان مرڪزي عهديدارن معذرت ڪئي ته سنڌي ادبي سنگت کي ھڪ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي ذميواري ڏني وئي هئي ان ۾ دير ٿي آھي، اڳواڻن چيو ته ٻي ڌر سنگت کي ھڪ ڪرڻ واري اعلان کان منھن موڙي هڪ طرفو چونڊن جو اعلان ڪري گڏجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو آھي.