حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ پورهيت رهڻ لاءِ اجهو نه هئڻ سبب وڻ تي جهوپڙي ٺاهي ڇڏي آهي، ڳوٺ علي شير شابراڻي واسي پورهيت حبدار علي چانڊيو شهر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پلازائن ۽ گهرن جي ڇتين جي ڀرائي واري مزدوري ڪري ٿو. پورهيت جو چوڻ آهي ته سندس علائقي ۾ روزگار نه هئڻ سبب هو حيدرآباد مزدوري سانگي پهتو ۽ هتي به هڪ ڏينهن مزدوري هئڻ ۽ ٻئي ڏينهن روزگار نه ملڻ سبب پريشان آهي ان ڪري ڪرائي جي گهر ۾ رهڻ بدران هو جهوپڙي ۾ راتيون گذاري ٿو. پورهيت ٻڌايو ته لطيف آباد يونٽ نمبر 8 بورڊ آفيس چوڪ ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستي تي پوسٽ آفيس جي سامهون پارڪ ۾ وڻ بيٺل ڏسي هن 10 سال اڳ جهوپڙي ٺاهي جتي گرمي، سياري توڙي برساتن ۾ هو ترسيل هجي ٿو. ڄاڻايل علائقي ۾ مختلف کاتن ۾ ملازمت ڪندڙ آفيسرن جا گهر به آهن پر پورهيت کي ڏسڻ باوجود کين پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ تيار نه آهي. پورهيت حبدار علي ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو شادي شده آهي. کيس نياڻي ۽ پٽ جو اولاد آهي. سندس ٻار ڳوٺ ۾ رهائش پذير هئا پر تازو آيل برساتي ٻوڏ کانپوءِ گهر ٻڏڻ بعد اهي به هاڻي بند تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. هو حيدرآباد ۾ مزدوري ڪري هر هفتي رقم پنهنجي گهرڀاتين ڏانهن اماڻي ٿو جنهن سان سندن گذر بصر هلي رهيو آهي. هن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کيس رهڻ لاءِ گهر ٺهرائي ڏنو وڃي.