ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 100 کان وڌيڪ اديبن، ڪامورن ۽ شهرين جي مالي مدد طور 81 ڪروڙ 76 لک جاري ڪيا. صوبائي سيڪريٽري خالد حيدر شاهه کي 15 لک 45 هزار 120 رپيا ، نثار ٻلهڙو ۽ دعا منگي اغوا واقعي دوران زخمي ٿيل حارث سومرو کي به گرانٽ جاري، بجيٽ دستاويزن موجب ڪينسر سبب فوت ٿيل سماجي ڪارڪن نثاراحمد ٻلهڙو لاءِ 35 لک رپيا ڏنا ويا، قائداعظم جي ويجھي عزيز خورشيد بيگم جي مڙس محمد علي کي 6 لک، اسلم جناح کي 10 لک، شڪارپورواسي شهباز رشيد کي 6 لک 93 هزار 470، دعا منگي کي اغوا ڪرڻ دوران هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل نوجوان حارث سومرو کي 21 لک 83 هزار 270 رپيا، شمن علي آمرو کي ساڍا 7 لک، ارسلان امين کي هڪ لک 11 هزار 120 رپيا، جيڪب آباد واسڻ شبانه زال غلام محمد کي 9 لک 2 هزار 710، پروفيسر رٽائرڊ سعيد منهاس کي 17 لک 53 هزار 490 رپيا، ڪراچي واسي نجم الدين عمراڻي کي 3 لک 84 هزار، تعليم کاتي ۾ نائب قاصد اڪبر پٽ آچر کي 2 لک، ڄامشورو واسي امداد علي ملاح کي 16 لک 87 هزار 390 رپيا، زيب النساءَ زال بشيراحمد ۽ جاويد پٽ غلام رسول ابڙو کي 21 لک 77 هزار 7 سو، دادو واسي احمد علي گاڏهي کي علاج لاءِ 3 لک 20 هزار 970 رپيا، رمضان سينٽر جي متاثرن کي 12 ڪروڙ، حق نواز پٽ مريد حسين کي 12 لک، محمد اڪرم پٽ محمد عباس کي ساڍا 7 لک، ذوالفقار پٽ شير لنڊ کي ڏيڍ لک، مرحوم غلام سرور گوپانگ جي پٽ سرتاج علي کي 11 لک، سيڪريٽري خالد حيدر شاهه کي 15 لک 45 هزار 120 رپيا، نياز ميمڻ پٽ مير محمد ميمڻ کي ساڍا 7 لک، ظهير علي پٽ ڦوٽو خان سمون کي هڪ لک 47 هزار 640 رپيا، شير علي پٽ عزيز احمد کي 5 لک 58 هزار 60 رپيا، محبوب حسين پٽ محمد صادق کي 36 لک 7 هزار 450 رپيا، بلقيس غلام قادر کي 8 لک 35 هزار، سانگھڙ واسي جمعون خان ڪنڀر کي 2 لک، ارم ڌيءَ عبدالله کي 9 لک 90 هزار 100 رپيا، عبدالغفار کي 13 لک 97 هزار، بيت المڪرم وٽ ڪريڪر ڌماڪي جي متاثرن کي 12 ڪروڙ 14 لک 360 رپيا ڏنا ويا. بجيٽ دستاويزن موجب نور صبا ڌيءَ شفيع محمد کي 6 لک 40 هزار، ماسٽر قاسم پٽ محمد سليمان ڊومڪي کي 27 لک 80 هزار، مرحوم نصير احمد سومرو کي 20 لک 41 هزار 430، بختاور ڌيءَ غلام قادر کي 4 لک 97 هزار، نثار احمد پٽ مشتاق احمد کي 11 لک 64 هزار، ٻارڙي علينه کي 2 ڪروڙ، قاسم جان لالا کي 24 لک، محمد ذيشان کي 20 لک 80 هزار، مفتي محمد جان نعيمي جي پٽن حامد جان ۽ عبيدالله کي 40 لک، ثمرين زال عامر علي کي 15 لک، محمد فارس عرف صفيان پٽ محمد صديق ميمڻ کي 30 لک، حليمه زال عطر خان کي 4 لک 78 هزار 830 رپيا، چگھو مل پٽ ڀڄن لال کي 15 لک، امداد حسين پٽ عبدالستار کي 3 لک 84 هزار، عبدالرافع پٽ محمد رمضان کي 20 لک رپيا ڏنا ويا آهن. حيدرآباد پوليس هٿان مقابلي ۾ معذور ٿيل ديپڪ راج جي گھرواري سنيتا راٺوڙ کي ساڍا 6 لک ، ميرپورخاص جي ڳوٺ عبدالحفيظ ڀرڳڙي جي باهه متاثرن کي 18 لک، گلاب خان کي 2 لک، لاڙڪاڻي واسي عرفان چنا کي 2 لک، اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل حملي جي متاثرن کي هڪ ڪروڙ 54 لک ڏنا ويا آهن