ڪراچي: سي ايم هائوس ۾ ڪمپيوٽر جي سامان جي خريداري لاءِ 35 لک، هارڊويئرز لاءِ 15 لک، سافٽ ويئر لاءِ 10 لک ۽ آءِ ٽي اڪيوپمينٽ لاءِ به 10 لک رپيا رکيا ويا، اهڙي ريت ٽرانسپورٽ جي خريداري لاءِ هڪ ڪروڙ 86 لک 42 هزار، پلانٽ اينڊ مشينري لاءِ 50 لک، فرنيچر جي خريداري لاءِ 20 لک، رپيئرس اينڊ مينٽيننس لاءِ 3 ڪروڙ 24 لک 14 هزار، باغيچي جي مينٽينس لاءِ 11 لک 58 هزار رپيا رکيا ويا، اهڙي ريت گورنر هائوس جي ڊوميسٽڪ گرانٽ هڪ ڪروڙ 70 لک مان وڌائي ٻه ڪروڙ 90 لک رپيا ڪئي وئي آهي، ڪمپيوٽر اڪيوپمينٽس لاءَ گذريل سال رکيل رقم 5 لک 63 هزار مان گهٽائي نئين مالي سال لاءِ هڪ لک 78 هزار، پلانٽ اينڊ مشنري جي خريداري لاءِ 7 لک 60 هزار، فرنيچر جي خريداري لاءِ 5 لک، رپيئرس اينڊ مينٽيننس لاءِ چار لک 29 هزار رپيا رکيا ويا آهن.