زائرا وسيم جي 2 سالن بعد پهرين تصوير وائرل

0
926

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ کي الوداع ڪندڙ خوبصورت اداڪارا زائرا وسيم جي 2 سالن بعد پهرين تصوير وائرل ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا 2 سال اڳ مذهبي سرگرمين سبب بالي ووڊ کي الوداع ڪيو هو ان حوالي سان هن سوشل ميڊيا تي هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن بعد هو منظر تان غائب ٿي وئي هئي، فلم دنگل ۾ زائرا وسيم چائلڊ اسٽار طور اداڪاري ڪئي هئي.

جڏهن ته فلم جي ڪاميابي سان زائرا وسيم کي به وڏي شهرت ملي چڪي آهي، زائرا وسيم 2 سالن بعد انسٽاگرام تي پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو درياهه تي اڏيل پل مٿان بيٺل نظر اچي ٿي جڏهن ته سندس چهرو نظر نٿو اچي.