آريان جي واٽس ايپ مان اهم شاهديون هٿ، چيٽ ليڪ

0
539

مبئي (ويب ڊيسڪ)نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پُٽ آريان جي ضبط ڪيل موبائل فون جي واٽس ايپ چيٽ مان اهم شاهديون حاصل ڪري ورتيون آهن.ڀارتي رپورٽن موجب اين سي بي اختيارين آريان سميت گرفتار ٻن ماڻهن جي واٽس ايپ چيٽ مان حيران ڪندڙ ڏوهه قبولڻ وارو مواد هٿ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

نارڪوٽس ڪنٽرول بيورو ٻڌايو ته آريان جي موبائل فون جي واٽس ايپ چيٽ ۾ منشيات جي خريداري جي لاءِ ادائگي جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي جنهن جي لاءِ هنن مختلف قسم جا ڪوڊ استعمال ڪيا آهن.هوڏانهن آريان خان جي وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس کي وٽانس ڪنهن به قسم جي منشيات هٿ نه آئي آهي. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته آريان خان جاچ دوران اين سي بي کي اهو به ٻڌايو آهي ته والد سان ملاقات لاءِ سيڪريٽري کان وقت وٺڻو پوندو هو. آريان خان جو چوڻ هو ته والد ڪيترين ئي فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف هو انڪري ساڻس ملاقات لاءِ پهرين سيڪريٽري پوجا سان رابطو ڪرڻو پوندو هو پوءِ اها وقت ڏيندي هئي.