قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل امريڪا ۾ به ناڪام!

0
247

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پرڏيهه ويل مشهور بيٽسمين عمر اڪمل امريڪا ۾ ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب عمر اڪمل جو ناردرن ڪيليفورنيا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سان معاهدو ٿي ويو آهي، پر ميچ فڪسنگ ۾ سزا يافته ڪرڪيٽر جو امريڪا ۾ به ناڪام آغاز ٿيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب عمر اڪمل پهرين ئي ميچ ۾ ناڪام رهيو، ڪيليفورنيا زلمي جي نمائندگي ڪندڙ عمر اڪمل ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو. ذريعن موجب عمر اڪمل امريڪا ۾ مستقل رهائش جو خواهشمند آهي ۽ قانوني قيام لاءِ امريڪا ۾ ڊگهي مدي جو معاهدو چاهي ٿو. ڊوميسٽڪ سيزن ۾ نظر انداز ڪرڻ تي عمر اڪمل هاڻ امريڪا ۾ مستقل ترسڻ تي غور ڪري رهيو آهي.