رپورٽر غلام قادر شر تي حملو: پوليس وڏيري جي پُٽن کي ڪٿي مهمان بڻائي رکيو؟

0
379
رپورٽر غلام قادر شر
رپورٽر غلام قادر شر زخمي حالت ۾
غلام قادر شر
غلام قادر شر

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ورڪشاپ ۾ وڏيري جَي حملي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز جو رپورٽر غلام قادر شر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽر غلام قادر شر تي حملو ڪرائيندڙ وڏيري ڪمال الدين شر اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

 

پوليس وڏيري جي ٻن پُٽن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ايس ايس پي سانگهڙ فرخ لنجار ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بااثر وڏيري جي ٻن پُٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رپورٽر جي وارثن وڏيري جو نالو نه کنيو هو، وارثن جي فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، رپورٽر جي وارثن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ورڪشاپ پوليس اڃا تائين مُک جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو،

غلام قادر شر
ايس ايس پي سانگهڙ فرخ لنجار ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ

گرفتار جوابدارن کي به ٿاڻي تي مهمانن جيان ويهاريو ويو آهي، جرڳي خلاف خبر هلائڻ تي بااثر وڏيرو غلام قادر شر تي ڏمرجي پيو هو، رپورٽر جي وارثن طرفان پوليس جي ڪارروائين مان بي اطميناني ظاهر ڪئي وئي آهي.