ورڪشاپ ۾ روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر تي بااثرن جو حملو، حالت خراب، صحافي سراپا احتجاج

0
1248
وڏيري جو حملو
غلام قادر شر

ورڪشاپ/ شھدادپور (نمائندن وٽان) ورڪشاپ جي سينيئر صحافي روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر غلام قادر شر تي مقامي وڏيري ۽ سندس پٽن پاران مبينا قاتلاڻو حملو ڪري سخت زخمي ڪيو ويو، صحافي تي حملي واري عمل خلاف صحافي اتحاد پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي،

 

صحافي تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ورڪشاپ ۽ شھدادپور جي صحافين صدر ارشاد بخاري، قاسم ڪلوئي، عباس ساند، مهدي حسن پنهور، حميد کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ صحافين چيو آهي ته ڀوتار ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽن حق سچ لکڻ تي صحافي غلام قادر شر تي قاتلاڻو حملو ڪري صحافي جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن چيو آهي ته حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پٺڀرائي ايس ايس پي سانگھڙ پاڻ ڪري رهيو آھي، احتجاج ڪندڙ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته صحافي غلام قادر شر تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث ڪمال الدين شر ۽ ان جي پٽن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سانگهڙ جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر غلام قادر شر جي حالت بدستور خراب کيس حيدرآباد مان علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، غلام قادر شر کي ڪاله شام علائقي جي با اثر وڏيري ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽن حملو ڪري زخمي ڪيو هو، واقعي کي 20 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود زخمي صحافي کي هوش نه آيو،

ورڪشاپ ۾ روزاني پنھنجي اخبار
رپورٽر غلام قادر شر زخمي حالت ۾

سول اسپتال ۾ زخمي صحافي جي سي ٽي اسڪين, ايڪسري ڪيا ويا جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران گهربل ٽيسٽون به ڪيون ويون، ڊاڪٽرز جو چوڻ آھي تھ مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي پر هو لاڳيتو بيهوش آهي ،غلام قادر شر کي مٿي ۾ ڪافي ڌڪ لڳل آهن، وارثن جو چوڻ آھي تھ غلام قادر جي حالت بدستور خراب آهي ان لاءِ کيس ڪراچي علاج لاءِ منتقل ڪري رهيا آهيون.

وڌيڪ اپ ڊيٽ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو