راولپنڊي ۾ مدرسي جا ٽي ٻارڙا پر اسرار طور تي فوت

0
290

ڪراچي(م ڊ) راولپنڊي ۾ هڪ مدرسي جا ٽي ٻارڙا پر اسرار طور تي فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته چونتره ٿاڻي جي حد ۾ قائم مدرسي جا ٽي کٿابي فوت ٿي ويا، ٻه ٻارڙا مدرسي ۾ صبح وقت فوت ٿيل هئا جڏهن ته هڪ ٻارڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جيڪو اهو به فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جنيد، عباد ۽ اسلام دربار صروبه جي مدرسي ۾ پڙهندا هئا، ٻارڙن رات جو استاد کان پيٽ ۾ سور هجڻ جي شڪايت به ڪئي هئي، پوليس موجب ٻارڙن جا لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿيندا..