سنڌ ۾ 18هين ترميم جيڪري رڪاوٽون آهن: ارباب غلام رحيم

0
608
معاون خصوصي ارباب غلام رحيم
سنڌ ۾ 18هين ترميم جيڪري رڪاوٽون آهن: ارباب غلام رحيم

سڪرنڊ: پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي معاون خصوصي ارباب غلام رحيم سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ کڏھر اڳوڻي صوبائي وزير رئيس غلام رسول انڙ جي رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاق ٻين صوبن ۾ ھيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن پر سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته سنڌ جي ماڻھن کي ھيلٿ ڪارڊ جي سھولت ملي.

ھن چيو ته سنڌ ۾ 18 ھين ترميم جي ڪري رڪاوٽون آهن پر پي ٽي آئي وٽ اڪثريت ناهي. ھن چيو ته مون مٿان حملي جو وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران ورتل نوٽيس ابتو آهي ته اڃان وڌيڪ ڪارروائي ڇو نه ڪئي، ڇو ته ھن وقت تائين ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته تبديلي جي ھوا شروع ٿي چڪي آهي ايندڙ ڪجھ وقت ۾ تبديلي يقيني آهي، قومپرست پارٽين سميت جي ڊي اي فنڪشنل ليگ جي حمايت مون سان آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران پوليس ايڪٽ ۾ ترميم آندي پئي وڃي ته ايف آئي آر ڪٽڻ بعد به اوستائين گرفتاري نه ٿيندي جيستائين ڏوھ ثابت نه ٿئي، اھڙي ترميم پيپلزپارٽي پنھنجي بچاء لاءِ آڻي رهي آهي.