ڌاڙيلن سان مقابلو: ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم لاءِ 25 لک رپين جو انعام

0
1014
ايس ايس پي تنوير تنيو
ڌاڙيلن سان مقابلو: ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم لاءِ 25 لک رپين جو انعام!!

ڪراچي: آءِ جي سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي 25 لک رپيا نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس کي ايس ايس پي تنوير تنيو جهڙن آفيسرن تي فخر آهي ۽ هن جهڙا آفيسر پوليس جو اثاثو آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ سندس ساٿي جان محمد مارجي ويا هئا، جن جي زنده يا مرده گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي.