چڪ (ن پ ا) رستم لڳ چڪ_رستم روڊ ڀرسان عظيم آباد شاخ کي 30 فوٽ گهارو  پئجي ويو، جنهن سبب  هزارين جريبن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، 5 ڪلاڪن تائين گهارو بند نه ٿيڻ سبب علي آباد،نُون ڳوٺ ۽ شھولٻاڻو گئس فيلڊ سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آهي، ان حوالي سان آبادگارن ۽ علائقي واسين غوث بخش، فقير محمد، نظير احمد اسلام دين ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي سبب گهارو لڳو آهي، اطلاعن باوجود عملدارن گهارو بند ناهي ڪيو، جنهن سبب ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گهارو بند ڪرايو  وڃي.